اسلام آباد-29 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ورچوئل اثاثا ريگوليٽري اٿارٽي جي چيئرمين ۽ مملڪتي وزير بلال بن ثاقب چيو آهي ته صرف نئين ٽيڪنالاجي جو استعمال نه پر مسلم دنيا کي اهڙو علم، مهارت ۽ ادارا به بڻائڻا پوندا جيڪي نئين ٽيڪنالاجي تخليق ڪرڻ جي صلاحيت رکندڙ هجن. هن اها ڳالهه هارورڊ يونيورسٽي ۾ منعقد هارورڊ اسلامڪ فنانس ڪانفرنس ۾ خصوصي ڳالهه ٻولهه دوران چئي. بلاڪ چين ۽ اسلامي …
مسلم دنيا کي ٽيڪنالاجي تخليق ڪرڻ جي صلاحيت رکندڙ علم، مهارت ۽ ادارا بڻائڻا پوندا: مملڪتي وزير بلال بن ثاقب

مزید خبریں
اسلام آباد-29 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ورچوئل اثاثا ريگوليٽري اٿارٽي جي چيئرمين ۽ مملڪتي وزير بلال بن ثاقب چيو آهي ته صرف نئين ٽيڪنالاجي جو استعمال نه پر مسلم دنيا کي اهڙو علم، مهارت ۽ ادارا به بڻائڻا پوندا جيڪي نئين ٽيڪنالاجي تخليق ڪرڻ جي صلاحيت رکندڙ هجن. هن اها ڳالهه هارورڊ يونيورسٽي ۾ منعقد هارورڊ اسلامڪ فنانس ڪانفرنس ۾ خصوصي ڳالهه ٻولهه دوران چئي. بلاڪ چين ۽ اسلامي ماليات جي مستقبل جي عنوان سان ٿيل ان خصوصي ڳالهه ٻولهه ۾ بلال بن ثاقب سان ايم آءِ ٽي سلون اسڪول آف مئنيجمينٽ جي سينئر ليڪچرر عمران سعيد ڳالهه ٻولهه ڪئي. بلال بن ثاقب پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ اسلامي دنيا جي سُنهري علمي دور کي اڄ جي دور ۾ تحقيق، ڪاروبار ۽ ٽيڪنالاجي جي ترقي سان جوڙيندي چيو ته صرف نئين ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪرڻ ڪافي ناهي، پر مسلمان دنيا کي اهڙو علم، مهارت ۽ ادارا به بڻائڻا پوندا جيڪي نئين ٽيڪنالاجي تخليق ڪرڻ جي صلاحيت رکندڙ هجن. هن چيو ته ماضي جو احترام صرف ان کي ياد ڪري نه پر نيون شيون تخليق ڪري ڪرڻو پوندو، هڪ نئون سنهري دور ماضي طرف واپسي جو نالو ناهي پر ٻيهر علم پيدا ڪرڻ، صلاحيتون بڻائڻ ۽ انساني مسئلا حل ڪرڻ جو نالو آهي. ڳالهين ۾ ان ڳالهه تي به روشني وڌي وئي ته يونيورسٽيون، مالياتي ادارا، ڪاروباري ماڻهو ۽ مستند شريعه ماهر نئين ٽيڪنالاجي جي عملي استعمال لاءِ ڪهڙي طرح گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿا. ڳالهين ۾ سرحد پار رقم جي منتقلي، ڪاروبار لاءِ مالي مدد ۽ مالي اثاثن کي ڊجيٽل شڪل ڏيڻ جهڙن شعبن تي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو ته نئين ٽيڪنالاجي جو اصل فائدو انهي وقت ممڪن آهي جڏهن اهو مالي خدمتن کي عام ماڻهن لاءِ وڌيڪ سستو، آسان ۽ اعتماد جوڳو بڻائي. پاڪستان ۾ پنهنجي تجربي جي حوالي سان بلال بن ثاقب چيو ته ٽيڪنالاجي جي موقعن کي هٿي ڏيڻ سان گڏوگڏ مالياتي نظام ۾ ذميواري، نگراني ۽ عوام جي تحفظ کي به يقيني بڻائڻ ضروري آهي. هن ٻڌايو ته پاڪستان ۾ ورچوئل اثاثا ايڪٽ 2026ع ، پاڪستان ورچوئل اثاثا ريگوليٽري اٿارٽي کي ان شعبي ۾ لائسنس جاري ڪرڻ ۽ نگراني لاءِ قانوني بنياد فراهم ڪري رهيو آهي، هن چيو ته صرف قانون ٺاهڻ ڪافي ناهن پر انهن قانونن تي موثر عملدرآمد، صارفين جو تحفظ ۽ ادارن جي صلاحيت ۾ به اضافو ضروري آهي، قاعدا بڻائڻ صرف شروعات آهي، اصل امتحان عوام جو تجربو آهي. سوال صرف اهو ناهي ته ڪا ٽيڪنالاجي ڪم ڪري ٿي يا نه پر اهو پڻ آهي ته ماڻهو ان کي پنهنجي حقن ۽ خطرن کي سمجهندي استعمال ڪري سگهن ۽ ڪنهن مسئلي جي صورت ۾ انهن وٽ مدد لاءِ واضح رستو موجود هجي. اسلامي ماليات جي حوالي سان ڳالهائيندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو ته ريگوليٽري ادارا ۽ شريعه ماهر نئين مالياتي مصنوعات جي تياري ۾ ڪهڙي طرح ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.










