لنڊن - 29 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري جي لاءِ پُرڪشش موقعن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن نار بحران پيدا نه ٿئي ها ته اسان به ٻين اڀرندڙ معيشتن وانگر تيزي سان ترقي جي راهه تي گامزن ٿي چڪا هجون ها، اسان ان چئلينج کي منهن ڏيڻ سان گڏوگڏ آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ثالثي …
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي لنڊن اسٽاڪ ايڪسچينج مارڪيٽ جي اوپن تقريب ۾ شرڪت، هو اسٽاڪ ايڪسچينج ٽريڊنگ اوپننگ جو اعزاز حاصل ڪندڙ پهريون پاڪستاني وزيراعظم بڻجي ويو، پاڪستان اهڙي منڊيءَ آهي جتي غيرملڪي سيڙپڪاري کي آساني سان راغب ڪري سگهجي ٿو: وزيراعظم

مزید خبریں
لنڊن – 29 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري جي لاءِ پُرڪشش موقعن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن نار بحران پيدا نه ٿئي ها ته اسان به ٻين اڀرندڙ معيشتن وانگر تيزي سان ترقي جي راهه تي گامزن ٿي چڪا هجون ها، اسان ان چئلينج کي منهن ڏيڻ سان گڏوگڏ آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ثالثي ۽ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پڻ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن لنڊن اسٽاڪ ايڪسچينج جي مارڪيٽ اوپن تقريب ۾ شرڪت دوران خطاب ڪندي ڪيو. محمد شهباز شريف پاڪستان جو پهريون وزيراعظم آهي جنهن کي لنڊن اسٽاڪ ايڪسچينج ٽريڊنگ اوپننگ جو اعزاز حاصل ٿيو. لنڊن اسٽاڪ ايڪسچينج اچڻ تي لنڊن اسٽاڪ ايڪسچينج گروپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊيوڊ شوئمر ۽ سينيئر عملدارن وزيراعظم جو استقبال ڪيو. ان موقعي تي پاڪستان جي 3 ارب ڊالر جي Dual Tranche يورو بانڊز لسٽنگ جي پڻ مهورتي تقريب منعقد ٿي. تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته لنڊن اسٽاڪ ايڪسچينج جي ان تقريب جو افتتاح منهنجي لاءِ خوشي ۽ اعزاز جوڳو آهي، هي تقريب يقيني طور تي پاڪستان جي معيشت کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي، آئون اها ڳالهه اعتماد سان چئي سگهان ٿو ته اسان پنهنجي معاشي انگن اکرن کي نمايان طور تي بهتر ڪيو آهي جيڪي مستقبل جي لاءِ انتهائي حوصلي جوڳا ۽ پراميد آهن. هن چيو ته تازن ڏينهن ۾ ناڻي واري وفاقي وزير ۽ سندس ٽيم پاران 3 ارب ڊالر ماليت جي يورو بانڊز ۽ خودمختيار قرضن جي انتظام جي ڪاميابي ان ڳالهه جو واضح مثال آهي، اهو اسان جي ڀرپور محنت، گهري ۽ بنيادي نوعيت جي ساختي سڌارن، معيشت کي ڊيجيٽل بڻائڻ ۽ معيشت کي ٻيهر صحيح رخ ۾ گامزن ڪرڻ جي لاءِ ڪيل سمورن ضروري قدمن جو عملي ثبوت آهي. هن چيو ته جيڪڏهن نار بحران پيدا نه ٿئي ها ته اسان به ٻين اڀرندڙ معيشتن وانگر تيزي سان ترقي جي راهه تي گامزن ٿي چڪا هجون ها، اسان ان چئلينج کي منهن ڏيڻ سان گڏوگڏ آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ثالثي ۽ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پڻ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون. هن اميد ظاهر ڪئي ته اسان انهي رخ ۾ پنهنجون ڪوششون جاري رکنداسين، ايستائين جو اسان هڪ محفوظ ۽ مستحڪم مقام تائين پهچي وڃون. هن چيو ته هڪ ڀيرو ٻيهر ناڻي واري وفاقي وزير، ٻين لاڳاپيل اقتصادي وزيرن، سيڪريٽرين ۽ حڪومتي آفيسرن جي ڪوششن کي ساراهيان ٿو جن اسان جي معيشت جي تعمير ۽ بهتري جي لاءِ ذڪر جوڳو ڪم ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته نار بحران جي ڏس ۾ اسان نوان سبق سکون، سيڙپڪار هاڻي محفوظ تر منڊين جو جائزو ۽ تجزيو ڪري رهيا آهن ۽ پاڪستان هڪ اهڙي منڊيءَ آهي جتي اسان غيرملڪي سيڙپڪاري کي آساني سان راغب ڪري سگهون ٿا. اها سيڙپڪاري انتهائي منافعو ڏيندڙ، گڏيل طور تي فائديمند، محفوظ ۽ مستحڪم ٿي سگهي ٿي. ان سلسلي ۾ اسان جو ناڻي وارو وزير ۽ ٻيا اهم ميمبر اقتصادي ٽيم سان ويجهي رابطي ۾ رهندا. هن چيو ته اسان يقيني طور تي توهان جي رهنمائي ۽ مشورو حاصل ڪرڻ چاهينداسين ته عالمي مالياتي منڊين کي پاڪستان ۾ وڌيڪ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ ڪهڙي طرح راغب ڪري سگهجي ٿو. اهو ڪردار رڳو خودمختيار قرضن تائين محدود نه هجڻ گهرجي پر سيڙپڪاري جي ميدان ۾ به هجڻ گهرجي، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا موقعا انتهائي پُرڪشش آهن. هن چيو ته اسان جي نجڪاري جي صلاحڪار پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز (پي آءِ اي) ۽ فرسٽ وومين بئنڪ جي نجڪاري جي عمل ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، هاڻي اسان ڪيترن ئي ٻين سرڪاري ادارن کي به نجي شعبي جي حوالي ڪرڻ طرف اڳتي وڌي رهيا آهيون، ڇو ته انهن ادارن کي نجي شعبي جي ذريعي ئي هلائڻ گهرجي، اهو هڪ اهڙو شعبو آهي جتي اسان توهان سان انتهائي ويجهو تعاون ڪري سگهون ٿا. وزيراعظم چيو ته مون کي اهو ڄاڻي تمام گهڻي خوشي ٿي ته توهان پاڪستان جي لاءِ اجنبي نه آهيو، انهي لاءِ مون پنهنجي هاءِ ڪمشنر کي چيو آهي ته هو توهان کي پاڪستان جي دوري جي هڪ شاندار دعوت موڪلي. ان دعوت تي توهان پنهنجي سهولت موجب دوري جي تاريخ طئي ڪري سگهو ۽ پنهنجي جواني جي ڏهاڙن جون پاڪستان سان واڳيل خوبصورت يادون هڪ ڀيرو ٻيهر تازيون ڪري سگهو. محمد شهباز شريف پاڪستان جو پهريون وزيراعظم آهي جنهن کي لنڊن اسٽاڪ ايڪسچينج ٽريڊنگ اوپننگ جو اعزاز حاصل ٿيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي مارڪيٽ اوپن تقريب ۾ شرڪت پاڪستان ۽ لنڊن جي اهم مالياتي ادارن جي وچ ۾ وڌندڙ رابطن جو مظهر آهي. لنڊن اسٽاڪ ايڪسچينج گروپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊيوڊ شوئمر ۽ لنڊن اسٽاڪ ايڪسچينج گروپ جي سينيئر عملدارن وزيراعظم جو استقبال ڪيو. لنڊن اسٽاڪ ايڪسچينج جي مارڪيٽ اوپن تقريب پيٽرنوسٽر اسڪوائر ۾ موجود ان جي هيڊڪوارٽر ۾ منعقد ٿئي ٿي ۽ ان جي ذريعي لنڊن ۾ ڪاروباري ڏينهن جي ٽريڊنگ جي باقاعده شروعات ٿئي ٿي.










