اسلام آباد - 29 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ڪفايت شعاري ۽ بچت جي اضافي قدمن جي نگراني ۽ عملدرآمد جي لاءِ قائم ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪفايت شعاري ۽ وسيلن جي تحفظ جي قدمن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. اڱاري ڏينهن هتي پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ مالياتي نظم ۽ …
نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ڪفايت شعاري ۽ بچت جي اضافي قدمن جي نگراني ۽ عملدرآمد بابت قائم ڪميٽي جو اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد – 29 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ڪفايت شعاري ۽ بچت جي اضافي قدمن جي نگراني ۽ عملدرآمد جي لاءِ قائم ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪفايت شعاري ۽ وسيلن جي تحفظ جي قدمن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. اڱاري ڏينهن هتي پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ مالياتي نظم ۽ ضبط برقرار رکڻ ۽ سرڪاري وسيلن جي محتاط ۽ دانشمنداڻي استعمال کي يقيني بڻائڻ بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نائب وزيراعظم سمورين لاڳاپيل وزارتن ۽ ڊويزنن کي هدايت ڪئي ته گذريل اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن تي مڪمل ۽ موثر عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. اجلاس ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وفاقي وزير، موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، پرڏيهي معاملن بابت خاص معاون، سيڪريٽري ڪابينا ۽ گهرو وزارت، ناڻي واري وزارت، پرڏيهي معاملن واري وزارت، واپار واري وزارت، قانون ۽ انصاف واري وزارت ۽ موسمياتي تبديلي واري وزارت جي عملدارن شرڪت ڪئي.










