وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي سان ميانمار جي سفير وونا هان جي ملاقات، ٻنهي ملڪن وچ ۾ ثقافتي تعاون وڌائڻ، ٻڌمت ياترين جي مذهبي سفر ۽ عوامي رابطن کي هٿي ڏيڻ جي اهميت تي اتفاق

اسلام آباد-29 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي عظيم ٻڌمت ۽ گنڌارا ورثي جي تحفظ ۽ هٿي ڏيڻ سان گڏوگڏ سڄي دنيا کان آيل ٻڌ ياترين ۽ سياحن کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهيو آهي. هن اها ڳالهه ميانمار جي سفير وونا هان سان اڱاري ڏينهن پنهنجي آفيس ۾ ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. وفاقي …

اسلام آباد-29 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي عظيم ٻڌمت ۽ گنڌارا ورثي جي تحفظ ۽ هٿي ڏيڻ سان گڏوگڏ سڄي دنيا کان آيل ٻڌ ياترين ۽ سياحن کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهيو آهي. هن اها ڳالهه ميانمار جي سفير وونا هان سان اڱاري ڏينهن پنهنجي آفيس ۾ ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. وفاقي وزير چيو ته مري روڊ تي هڪ اهڙي مناسب سهولت جي تعمير جي رٿابندي ڪئي پئي وڃي، جتي ٻڌمت سان منسوب مقدس شين کي احترام سان محفوظ ۽ نمائش لاءِ پيش ڪري سگهجي. هن چيو ته تجويز ڪيل سهولت ٻڌ ياترين ۽ ٻين مهمانن کي ان مقدس آثار آڏو عقيدت ۽ احترام جو اظهار ڪرڻ لاءِ موزون جڳهه فراهم ڪندي. وفاقي وزير چيو ته وزارت پشاور ميوزيم ۾ محفوظ اهم ٻڌمت سان منسوب مقدس شين کي قومي ميوزيم منتقل ڪرڻ جي امڪانن جو به جائزو وٺي رهي آهي ته جيئن انهن کي هڪ مناسب قومي اداري ۾ نمائش لاءِ پيش ڪري سگهجي. هن چيو ته اهم ٻڌمت جي آثارن کي هڪ مخصوص قومي مرڪز ۾ گڏ ڪرڻ سان ٻڌمت ياترين لاءِ پهچ بهتر ٿيندي۽ پاڪستان جي گنڌارا ورثي ۽ مذهبي سياحت کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ملندي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان گنڌارا تهذيب ۽ پنهنجي ٻڌمت ورثي کي عالمي برادري آڏو اجاگر ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته شاهه الله ڏته غارن کي ايندڙ مهيني ٻڌمت ياترين لاءِ کوليو ويندو، جڏهن ته پاڪستان مختلف ٻڌ اڪثريتي ملڪن ۾ گنڌارا نمائشون منعقد ڪرڻ جو به منصوبو رکي ٿو ته جيئن ان عظيم تهذيب ۽ ان جي تاريخي اهميت بابت آگاهي کي هٿي ڏئي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان مختلف شعبن ۾ تعاون لاءِ ميانمار جي حڪومت کي پرڏيهي وزارت ذريعي مفاهمت جي يادداشت جو مسودو پهرين ئي موڪلي ڇڏيو آهي، هن ميانمار جي سفير کي درخواست ڪئي ته هو ان عمل کي تيز ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ته جيئن ٻنهي ملڪن وچ ۾ باضابطا تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي. پاڪستان ۾ ميانمار جي سفير ووناهان چيو ته پاڪستان ۽ ميانمار وچ ۾ پراڻا ۽ دوستاڻا لاڳاپا آهن، جن جا تاريخي لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي آزادي کان اڳ جي دور تائين پکڙيل آهن. هن آخري مغل بادشاهه بهادر شاهه ظفر سان ميانمار جي تاريخي تعلق جو ذڪر ڪندي چيو ته هن پنهنجي زندگي جا آخري ڏينهن رنگون، موجوده يانگون ۾ گذاريا ۽ اتي ئي دفن ٿيل آهي. هن چيو ته يانگون ۾ سندس مزار هڪ اهم تاريخي مقام آهي ۽ ڏکڻ ايشيا کان آيل اڳواڻ روايتي طور تي اتي حاضري ڀريندا آهن، جن ۾ اڳوڻو صدر جنرل پرويز مشرف به شامل آهي. قومي ورثي ۽ ثقافت ڊويزن واري سيڪريٽري اسد رحمان گيلاني چيو ته پرڏيهي وزارت ذريعي اسلام آباد ۾ مقرر ٻڌ اڪثريتي ملڪن جي سفيرن کي شاهه الله ڏته غارن جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ڏني ويندي. وزيراعظم جي گنڌارا بابت ڪوآرڊينيٽر عمران شوڪت چيو ته ٻڌ ڀڪشوئن جي هڪ خصوصي وفد جو نومبر ۾ پاڪستان جو دورو متوقع آهي، هن چيو ته پاڪستان ٻڌمت اڪثريتي ملڪن سان لاڳاپا مضبوط بڻائڻ ۽ گنڌارا ورثي کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ لاءِ سنجيده ۽ عملي قدم کڻي رهيو آهي. ٻنهي ملڪن طرفان ثقافتي تعاون وڌائڻ، ٻڌ ياترين جي مذهبي سفر ۽ عوامي رابطن کي هٿي ڏيڻ جي اهميت تي اتفاق ڪيو ويو.

مزید خبریں