ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جي اسٽينڊرڊ چارٽرڊ بئنڪ جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر سان ملاقات

لنڊن-29 سيپٽمبر (اي پي پي)ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب اڱاري ڏينهن لنڊن ۾ اسٽينڊرڊ چارٽرڊ بئنڪ جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر بل ونٽرز سان ملاقات ڪئي. ناڻي واري وزير پاڪستان لاءِ اسٽينڊرڊ چارٽرڊ بئنڪ جي مسلسل مدد ۽ مختلف مالياتي ۽ ڪيپيٽل مارڪيٽ ڏي وٺ ۾ بئنڪ جي تعاون کي ساراهيو. ناڻي واري وزارت مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ پاڪستان ۾ جاري ڍانچاجاتي سڌارن ۽ هاڻوڪي …

لنڊن-29 سيپٽمبر (اي پي پي)ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب اڱاري ڏينهن لنڊن ۾ اسٽينڊرڊ چارٽرڊ بئنڪ جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر بل ونٽرز سان ملاقات ڪئي. ناڻي واري وزير پاڪستان لاءِ اسٽينڊرڊ چارٽرڊ بئنڪ جي مسلسل مدد ۽ مختلف مالياتي ۽ ڪيپيٽل مارڪيٽ ڏي وٺ ۾ بئنڪ جي تعاون کي ساراهيو. ناڻي واري وزارت مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ پاڪستان ۾ جاري ڍانچاجاتي سڌارن ۽ هاڻوڪي معاشي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران پاڪستان حڪومت ۽ اسٽينڊرڊ چارٽرڊ بئنڪ وچ ۾ مستقبل ۾ تعاون جي مختلف شعبن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي جن ۾ ٽوڪنائزيشن، عالمي سڪوڪ ۽ ٻيا مالياتي موقعا شامل آهن. ڌرين ان ڳالهه جو به جائز ورتو ته يورپ، وچ اوڀر ۽ ايشيا ۾ اسٽينڊرڊ چارٽرڊ بئنڪ جو مضبوط سيڙپڪار نيٽ ورڪ پاڪستان لاءِ مسلسل سيڙپڪاري رابطاڪاري کي هٿي ڏيڻ ۽ عالمي مالياتي مارڪيٽن ۾ پاڪستان جي بهتر مشهوري ۽ نمايان حيثيت يقيني بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. ملاقات ۾ حڪومت جي نجڪاري پروگرام جي مدد لاءِ امڪاني ڪيپيٽل مارڪيٽ ڏي وٺ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جنهن ۾ خريداري ۽ وڪري ۽ ٻنهي طرفن کان سيڙپڪاري جا موقعا شامل آهن.

مزید خبریں