اسلام آباد - 29 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ پرڏيهي وزارت ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي منظرنامي ۽ جاري سفارتي رابطن جو جائزو ورتو ويو. اڱاري ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ خطي جي بدلجندڙ صورتحال ۽ اڳتي ٿيندڙ سفارتي رابطن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان …
نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اجلاس، پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي منظرنامي ۽ جاري سفارتي رابطن جو جائزو ورتو ويو

مزید خبریں
اسلام آباد – 29 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ پرڏيهي وزارت ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي منظرنامي ۽ جاري سفارتي رابطن جو جائزو ورتو ويو. اڱاري ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ خطي جي بدلجندڙ صورتحال ۽ اڳتي ٿيندڙ سفارتي رابطن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اڳتي جي حڪمت عملي جي حوالي سان رهنمائي فراهم ڪئي ۽ ويجهي رابطي ۽ وقت سر قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو. اجلاس ۾ وقتي پرڏيهي سيڪريٽري سفير خليل هاشمي ۽ پرڏيهي وزارت جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.










