پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار جي شروعات تي ٻاڙائي جو رجحان

اسلام آباد- 29 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڱاري ڏينهن ڪاروبار جي شروعات تي ٻاڙائي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 24.92 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 170400 پوائنٽس تي سطح تي اچي ويو. شروعاتي سيشن دوران مجموعي طور تي 569 ڪمپنين جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، جنهن مان 257 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 204 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ …

اسلام آباد- 29 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڱاري ڏينهن ڪاروبار جي شروعات تي ٻاڙائي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 24.92 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 170400 پوائنٽس تي سطح تي اچي ويو. شروعاتي سيشن دوران مجموعي طور تي 569 ڪمپنين جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، جنهن مان 257 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 204 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ گهٽتائي، جڏهن ته 108 ڪمپنين جي شيئرز جون قيمتن استحڪام ۾ رهيون. شروعاتي سيشن ۾ مجموعي طور تي 216.45  ملين شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، جنهن جي ماليت 8.73 ارب رپيا رهي. جن ڪمپينن جي شيئرز ۾ نمايان ڪاروبار ٿيو، انهن ۾ سينر جي پاڪستان جي 28.56 ملين، ويوز هوم اپلائنسز جي 17.78 ملين، جڏهن ته ايس جي پاور لميٽيڊ جي 15.36 ملين شيئرز جي ڏيتي ليتي شامل آهي.