سنڌ جي وڏي وزير پاران چوڪنڊي ۾ اسپيشل سيڪيورٽي يونٽ جي جديد هيڊڪوارٽرز ۽ سيڪيورٽي ٽريننگ اڪيڊمي قائم ڪرڻ واري منصوبي جي منظوري

ڪراچي-29 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چوڪنڊي ۾ اسپيشل سيڪيورٽي يونٽ جي جديد هيڊڪوارٽرز ۽ سيڪيورٽي ٽريننگ اڪيڊمي قائم ڪرڻ واري منصوبي جي اصولي منظوري ڏيندي لاڳاپيل کاتن کي منصوبي جي پهرين مرحلي تي موجوده مالي سال دوران ڪم شروع ڪرڻ لاءِ ضروري ڪارروائي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. اڱاري ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ منصوبي بابت اجلاس جي صدارت ڪندي وڏي وزير …

ڪراچي-29 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چوڪنڊي ۾ اسپيشل سيڪيورٽي يونٽ جي جديد هيڊڪوارٽرز ۽ سيڪيورٽي ٽريننگ اڪيڊمي قائم ڪرڻ واري منصوبي جي اصولي منظوري ڏيندي لاڳاپيل کاتن کي منصوبي جي پهرين مرحلي تي موجوده مالي سال دوران ڪم شروع ڪرڻ لاءِ ضروري ڪارروائي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. اڱاري ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ منصوبي بابت اجلاس جي صدارت ڪندي وڏي وزير تجويز ڪيل سيڪيورٽي ڪمپليڪس جي ماسٽر پلان، مالي فريم ورڪ ۽ مرحليوار عملدرآمد جو جائزو ورتو. اجلاس کي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته چوڪنڊي ۾ اٽڪل 29.43 ايڪڙن تي قائم ٿيندڙ هن جديد ڪمپليڪس ۾ ايس ايس يو جي ڪمانڊ، تربيت، رهائش ۽ ٻين معاون سهولتن کي هڪ ئي ڪيمپس ۾ گڏ ڪيو ويندو، جتي 3 هزار کان وڌيڪ مرد ۽ 300 عورت اهلڪارن لاءِ جديد سهولتون فراهم ڪيون وينديون. منصوبي جو مجموعي ڪاٿو 9.497 ارب رپيا آهي، جڏهن ته پهرين مرحلي جي لاڳت اٽڪل 4.483 ارب رپيا مقرر ڪئي وئي آهي، جيڪا ايندڙ ٻن مالي سالن دوران مرحليوار مڪمل ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. گهرو کاتي پاران ترجيحي نوعيت جي ڪمن جي شروعات لاءِ 500 ملين رپين جي شروعاتي ري – اپروپريشن جي تجويز پڻ پيش ڪئي وئي. تجويز ڪيل اڪيڊمي ۾ هيڊڪوارٽرز عمارت، علمي ۽ انتظامي بلاڪ، آڊيٽوريم، تحقيق ۽ ترقي جون سهولتون، لائبريري، ڪمپيوٽر ليبارٽريون، ڪلاس رومز، ان ڊور ۽ آئوٽ ڊور فائرنگ رينجز، ٽيڪٽيڪل ٽريننگ ڪمپليڪس، سيموليشن رومز، جنگي تربيت لاءِ مخصوص زون، K-9 ٽريننگ سهولتون، چئلينج ۽ اوبسٽيڪل ڪورس، اسپورٽس ۽ فٽنيس سهولتون، رهائشي بلاڪ ۽ آفيسرن جون رهائشگاهون شامل هونديون. ماسٽر پلان ۾ هڪ هزار ماڻهن لاءِ هڪ ئي وقت کاڌي جي سهولت رکندڙ ڊائننگ هال، سوئمنگ پول، انڊور اسپورٽس ۽ ٽريننگ ڪمپليڪس، جمنازيم، ميڊيڪل ڊسپينسري، ڪانفرنس سهولتون، هٿيار خانو، ڊرائيونگ سيموليٽر، پريڊ گرائونڊ ۽ محفوظ پارڪنگ پڻ شامل آهن. منصوبي جي حفاظتي ڍانچي ۾ سي سي ٽي وي ڪمانڊ سينٽر، ڪنٽرولڊ ايسس سسٽم، واچ ٽاورز ۽ بم پروف پريميٽر وال شامل هوندا. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ پوليس جون موجوده تربيتي سهولتون پراڻيون هجڻ سبب جديد سيڪيورٽي چئلينجن، خصوصي ڪمانڊو ٽريننگ، شهري جنگ جي تياري، سيموليشن تي ٻڌل مشقن ۽ جديد حڪمت عملي جي تربيت جون وڌندڙ ضرورتون مڪمل طور تي پوريون نه ٿيون ڪري سگهن. ان موقعي تي سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ پوليس جي صلاحيتن کي جديد بڻائڻ حڪومت جي اهم ترجيحن مان آهي. هن چيو ته سيڪيورٽي خطرن جي بدلجندڙ نوعيت کي نظر ۾ رکندي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي جديد بنيادي ڍانچي، جديد تربيتي نظام ۽ خصوصي صلاحيتن سان ليس ڪرڻ ضروري آهي. هن چيو ته تجويز ڪيل اڪيڊمي ايس ايس يو جي اهلڪارن کي جديد سيموليشن تي ٻڌل تربيت ۽ خصوصي حڪمت عملي جون مشقون فراهم ڪندي، جنهن سان سندن آپريشنل تياري ۽ پيشيوراڻي صلاحيتن ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. وڏي وزير چيو ته هي منصوبو رڳو عمارتن جي تعمير تائين محدود ناهي، پر سنڌ جي ڊگهي مدي واري سيڪيورٽي ڍانچي ۾ سيڙپڪاري آهي، جيڪا ادارتي صلاحيتن کي مضبوط ڪرڻ ۽ مستقبل جي سيڪيورٽي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ مسلسل تياري يقيني بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. هن مرحليوار عملدرآمد واري حڪمت عملي جي توثيق ڪندي ناڻي ۽ پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ کاتن کي منصوبي جي ٽيڪنيڪل ۽ مالي جاچ ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. سيد مراد علي شاهه لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي ته منصوبي جي ماسٽر پلان جو تفصيلي جائزو وٺي پنهنجون سفارشون لاڳاپيل فورمن آڏو منظوري لاءِ پيش ڪن، جڏهن ته فيز-I تي موجوده مالي سال دوران ڪم شروع ڪرڻ لاءِ ضروري طريقيڪار مڪمل ڪيو وڃي. اجلاس ۾ گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، گهرو سيڪريٽري اقبال ميمڻ، آءِ جي سنڌ پوليس جاويد عالم اوڍو، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ نجم شاهه، سيڪريٽري ناڻو اصغر ميمڻ ۽ پوليس جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي.