ڀارتي پرڏيهي وزير جي تقرير دوران يو اين هيڊڪوارٽرز ٻاهران ڪشميرين جو احتجاج

نيويارڪ- 27 سيپٽمبر (اي پي پي) ڀارتي پرڏيهي وزير جي تقرير دوران گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽرز ٻاهران اتي رهندڙ ڪشميرين ڀرپور احتجاج ڪندي عالمي اداري کان ڪشمير مسئلي بابت پنهنجي قراردادن تي عملدر آمد جو مطالبو ڪيو. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ورلڊ ڪشمير اويئرنيس فورم ۽ نيويارڪ واشنگٽن ميٽرو پوليٽيس علائقن جي ڪشميري آمريڪي ڪميونٽيز جي انتظام هيٺ ڇنڇر 26 سيپٽمبر تي گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽرز ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو …

نيويارڪ- 27 سيپٽمبر (اي پي پي) ڀارتي پرڏيهي وزير جي تقرير دوران گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽرز ٻاهران اتي رهندڙ ڪشميرين ڀرپور احتجاج ڪندي عالمي اداري کان ڪشمير مسئلي بابت پنهنجي قراردادن تي عملدر آمد جو مطالبو ڪيو. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ورلڊ ڪشمير اويئرنيس فورم ۽ نيويارڪ واشنگٽن ميٽرو پوليٽيس علائقن جي ڪشميري آمريڪي ڪميونٽيز جي انتظام هيٺ ڇنڇر 26 سيپٽمبر تي گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽرز ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ ڪشميري ۽ پاڪستاني ڪميونٽي جي اڳواڻن، عورتن، ٻارن ۽ بزرگن سميت وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي. مظاهرو ڪندڙن هڪ پُڪار جي عنوان سان احتجاج ڪندي ڪشميري عوام بابت گڏيل قومن جي واعدن ۽ قراردان جي ياد ڏياري. شرڪت ڪندڙن کي پلي ڪارڊز کنيل هئا جن تي ڪشميرين جي خود اراديت واري حق ۽ انساني حقن جي بحالي جا مطالبا لکيل هئا. مظاهرو ڪندڙن گڏيل قومن جي پليٽ فارم کان ڀارتي پرڏيهي وزير کي خطاب ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ تي به سخت خدشن جو اظهار ڪيو. ڪشميري اڳواڻن هڪ گڏيل بيان ۾ چيو ته گڏيل قومن کي ڪشمير مسئلي سميت انساني حقن جي معاملن تي انصاف ۽ اصولن کي مٿانهون رکڻ گهرجي. هنن مطالبو ڪيو ته ڪشميري عوام کي سندن خود اراديت وارو حق ڏنو وڃي، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو نوٽيس ورتو وڃي ۽ ڪشمير بابت گڏيل قومن جي قراردادن تي عملدرآمد لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن.