تهران- 27 سيپٽمبر (اي پي پي) ايران جي اوڀر صوبي خراسان ۾ بس ۽ ٽرڪ وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 9 ماڻهو فوت ۽ 5 زخمي ٿي پيا. ميڊيا رپورٽن موجب حادثو صوبي جي آريان شهر کان بيرجند ڪائونٽي ويندڙ روڊ تي پيش آيو، حادثي کانپوءِ بس ۾ باهه لڳي وئي، جڏهن ته حادثي جو اطلاع ملندي ئي ريسڪيو ٽيمون موقعي تي پهچي ويون، جنهن کانپوءِ حادثي ۾ فوت …
ايران ۾ بس ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر سبب 9 ڄڻا فوت، 5 زخمي

مزید خبریں
تهران- 27 سيپٽمبر (اي پي پي) ايران جي اوڀر صوبي خراسان ۾ بس ۽ ٽرڪ وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 9 ماڻهو فوت ۽ 5 زخمي ٿي پيا. ميڊيا رپورٽن موجب حادثو صوبي جي آريان شهر کان بيرجند ڪائونٽي ويندڙ روڊ تي پيش آيو، حادثي کانپوءِ بس ۾ باهه لڳي وئي، جڏهن ته حادثي جو اطلاع ملندي ئي ريسڪيو ٽيمون موقعي تي پهچي ويون، جنهن کانپوءِ حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو.









