ڪينيڊا ۾ هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ 4 ڄڻا فوت

اوٽاوا- 27 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪينيڊا جي صوبي ڪيوبڪ ۾ هيلي ڪاپٽر ڪري تباهه ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا. ميڊيا رپورٽن موجب حادثو منجنهد جو 2:30 وڳي مونٽريال کان اٽڪل 55 ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر ۾ واقع علائقي سينٽ بريجيد - ڊي - ايبرويل ويجهو پيش آيو. شروعاتي جاچ موجب هيلي ڪاپٽر ۾ اڏام جي ڪجهه دير کانپوءِ فني خرابي ٿي جنهن جي نتيجي …

اوٽاوا- 27 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪينيڊا جي صوبي ڪيوبڪ ۾ هيلي ڪاپٽر ڪري تباهه ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا. ميڊيا رپورٽن موجب حادثو منجنهد جو 2:30 وڳي مونٽريال کان اٽڪل 55 ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر ۾ واقع علائقي سينٽ بريجيد – ڊي – ايبرويل ويجهو پيش آيو. شروعاتي جاچ موجب هيلي ڪاپٽر ۾ اڏام جي ڪجهه دير کانپوءِ فني خرابي ٿي جنهن جي نتيجي ۾ ڪري تباهه ٿي ويو ۽ هيلي ڪاپٽر ۾ سوار سمورا چار ماڻهو موقعي تي ئي فوت ٿي ويا. هيلي ڪاپٽر جي ملڪيت، ان جي راونگي ۽ منزل سميت فوت ٿي ويل ماڻهن جي سڃاڻپ هن وقت تائين نه ٿي سگهي آهي. حادثي جي وڌيڪ جاچ لاءِ ٽيمون روانيون ڪيون ويون آهن.