نيويارڪ- 26 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽرز ۾ گلوبل ڊولپمينٽ انيشيئيٽو جي پنجين سالگره جي موقعي تي اعليٰ سطح جي ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي. ان حوالي سان چين جي صدر شي جن پنگ جاري ڪيل پنهجي پيغام ۾ چيو آهي ته ترقي انساني معاشري جو هڪ دائمي موضوع آهي ۽ ترقي عوام جي خوشي لاءِ خاص اهميت رکي ٿي. هن چيو ته پنج سال اڳ گڏيل قومن …
ترقي عوام جي خوشي لاءِ اهم آهي: گلوبل ڊويلپمينٽ انيشيئيٽو تي وڏي پيماني تي عملدرآمد ٿيو آهي: چيني صدر

مزید خبریں
نيويارڪ- 26 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽرز ۾ گلوبل ڊولپمينٽ انيشيئيٽو جي پنجين سالگره جي موقعي تي اعليٰ سطح جي ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي. ان حوالي سان چين جي صدر شي جن پنگ جاري ڪيل پنهجي پيغام ۾ چيو آهي ته ترقي انساني معاشري جو هڪ دائمي موضوع آهي ۽ ترقي عوام جي خوشي لاءِ خاص اهميت رکي ٿي. هن چيو ته پنج سال اڳ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ گلوبل ڊولپمينٽ انيشيئيٽو پيش ڪيو ويو، جنهن جو مقصد عالمي ترقياتي سهڪار کي هٿي وٺائڻ، عالمي ترقي جي ڪوششن کي ٻيهر بحال ڪرڻ ۽ گڏيل قومن جي 2030ع جي پائيدار ترقي جي ايجنڊا کي لاڳو ڪرڻ ۾ تيزي آئڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ هو. هن ان ڳالهه تي پڻ زور ڀريو ويو ته گذريل پنج سالن دوران ڪيترن ئي ملڪن جي گڏيل ڪوششن سان گلوبل ڊولپمينٽ انيشيئيٽو تي وسيع پيماني تي عملدرآمد ٿيو آهي، ان تحت سهڪار جا منصوبا 120 کان وڌيڪ ملڪن ۾ لاڳو ڪيا ويا، جن جا ٺوس نتيجا حاصل ٿيا آهن، جنهن سان گڏيل ترقي ۽ گڏيل مفاد تي ٻڌل سهڪار جو هڪ نئون باب رقم ٿيو آهي.









