سعودي آئل شپنگ ۾ اضافو جاري، ايران آمريڪا جنگ کان پوءِ بلند ترين سطح تي پهچي وئي: بلومبرگ

لنڊن- 26 سيپٽمبر (اي پي پي) سعودي عرب جي آئل شپنگ ۾ اضافو جاري آهي جيڪو ايران آمريڪا جنگ جي شروعات کان پوءِ پنهنجي بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي. بلومبرگ جي رپورٽ مطابق سعودي عرب گذريل هفتي جي وچ واري عرصي کان ايشيا جي خريدارن کي اٽڪل 100 ملين بيرل تيل وڪرو ڪيو، خريدارن جي لسٽ ۾ چين جي سرڪاري ۽ آزاد آئل ريفائنريز، ڀارت، جاپان ۽ ڏکڻ …

لنڊن- 26 سيپٽمبر (اي پي پي) سعودي عرب جي آئل شپنگ ۾ اضافو جاري آهي جيڪو ايران آمريڪا جنگ جي شروعات کان پوءِ پنهنجي بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي. بلومبرگ جي رپورٽ مطابق سعودي عرب گذريل هفتي جي وچ واري عرصي کان ايشيا جي خريدارن کي اٽڪل 100 ملين بيرل تيل وڪرو ڪيو، خريدارن جي لسٽ ۾ چين جي سرڪاري ۽ آزاد آئل ريفائنريز، ڀارت، جاپان ۽ ڏکڻ ڪوريا جا خريدار شامل آهن. وڪرو ڪيل مقدار تيل جي عالمي طلب جي اٽڪل هڪ ڏينهن جي برابر آهي ۽ اهو آبنائي هرمز ذريعي ايشيا لاءِ تازي سعودي وڪري جي ٻيڻ کان به وڌيڪ آهي جيڪا خطي ڏانهن ويندڙ سپلاءِ ۾ نمايان اضافي جي عڪاسي ڪري ٿي. اهو اضافو اهڙي وقت ۾ سامهون آيو جڏهن ايشيائي ريفائنريز کي تيل جي وڌندڙ قيمتن سبب شديد دٻاءُ درپيش آهي، گڏ ئي آمريڪي پابندين جي نتيجي ۾ ايراني تيل جي سپلاءِ ۾ گهٽتائي ٿي ۽ ڪجهه خريدارن پاران سياسي خطرن سبب روسي خام تيل کان به پاسو ڪيو پيو وڃي.