جنرل اسيمبلي ۾ اسرائيلي وزيراعظم کي شرمساري جو منهن ڏسڻو پيو، ڪيترن ئي ملڪن جا نمائندا خطاب جو بائيڪاٽ ڪري  هال کان ٻاهر هليا ويا

گڏيل قومون-24 سيپٽمبر (اي پي پي)اسرائيلي وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي سالياني اجلاس کي خطاب جي موقعي تي نه رڳو ڪيترن ئي ملڪن جا نمائندا سندس بائيڪاٽ ڪندي هال مان اٿي هليا ويا، پر ان موقعي تي اسرائيل خلاف احتجاجي ۽ مذمتي نعرا پڻ لڳايا ويا.  پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي هال مان 77 ملڪن جي وفدن جو اجتماعي بائيڪاٽ …

گڏيل قومون-24 سيپٽمبر (اي پي پي)اسرائيلي وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي سالياني اجلاس کي خطاب جي موقعي تي نه رڳو ڪيترن ئي ملڪن جا نمائندا سندس بائيڪاٽ ڪندي هال مان اٿي هليا ويا، پر ان موقعي تي اسرائيل خلاف احتجاجي ۽ مذمتي نعرا پڻ لڳايا ويا.  پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي هال مان 77 ملڪن جي وفدن جو اجتماعي بائيڪاٽ سوشل ميڊيا تي وڏي پئماني تي بحث جو موضوع بڻجي ويو ، جتي صارفين  ان منظر کي اسرائيل جي "منهن تي زوردار چماٽ” ۽ ان کان وڌي عالمي اڪيلائي جو ثبوت قرار ڏنو آهي. هال جي منظرن ۾ ڏيکاري ويو ته اسرائيلي وزيراعظم جي تقرير شروع ٿيڻ کان اڳ ئي وفدن جي اڪثريت هال ڇڏي ڏنو جنهن تي هو ٻڏتر ۽ پريشان نظر آيو، جڏهن ته صرف ڪجهه نمائندا پنهنجين سيٽن تي موجود هئا. ميڊيا  موجب77 ملڪن جا نمائندا اسرائيلي وزيراعظم جي خطاب وقت  غير حاضر رهيا. ان منظر کي اسرائيلي ميڊيا ۾ پڻ وڏي اهميت ملي،  جيتوڻيڪ چينل 14 ان قدم کي "اسرائيل جي منهن تي ٿُڪ هڻڻ”  جي برابر قرار ڏنو، جڏهن ته هڪ اخبار  ان کي "ڊرامائي احتجاج” قرار ڏنو. هڪ ٻئي تجزيي ۾، اسرائيلي اخبار  بينجمن نيتن ياهو جي تقرير کي بورنگ ۽ تڪرار سان ڀريل قرار ڏنو. اخبار چيو ته اسرائيلي وزيراعظم جو اهو خطاب بنيادي طور ان جي حامين ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ لاءِ هو، جيڪو قابض حڪومت جي سربراهه جي وڌندڙ عالمي اڪيلائي جي روشني ۾ هو. عالمي ميڊيا جي سطح تي، برطانوي اخبار دي گارڊين ان منظر تي تبصرو ڪندي چيو ته بينجمن نيتن ياهو غزه ۾ "مشن مڪمل ڪرڻ جو پنهنجو عزم ظاهر ڪيو”، جڏهن ته درجنين ملڪن جي وفدن پنهنجي فيصلي ذريعي ان جي مخالفت جو اظهار ڪندي هال ڇڏي ڏنو. مشهور آمريڪي اخبار دي واشنگٽن پوسٽ جنرل اسيمبلي ۾ بينجمن نيتن ياهو جي خطاب دوران ڪيترن ئي ملڪن جي وفدن جي ٻاهر نڪرڻ کي اسرائيلي پاليسين خلاف  عالمي سطح تي شديد رد عمل جي نشاني قرار ڏنو، جڏهن ته برطانوي اخبار دي انڊيپينڊنٽ لکيو ته بينجمن نيتن ياهو ايئن به  هر صورت ۾ صرف هڪ سامعين کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي، نيويارڪ جي ٽائمز اسڪوائر جي چوڌاري به احتجاجي مظاهرو ڏسڻ ۾ آيو، جنهن ۾ شرڪت ڪندڙن اهڙا پلي ڪارڊ کڻي رکيا هئا جن ۾ غزه ۾ اسرائيلي جارحيت ختم ڪرڻ  جو مطالبو ڪيو پئي ويو.