اسلام آباد- 21 سيپٽمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ جي چونڊ ضلعن ۾ ذيلي قومي پوليو جي روڪٿام مهم شروع ٿي وئي آهي. نيشنل ايمرجنسي آپريشنز سينٽر موجب مهم دوران سڄي ملڪ جي 115 ضلعن ۾ 3 ڪروڙ 10 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ويندا. مهم دوران 2 لک 73 هزار کان وڌيڪ پوليو ورڪرز خدمتون انجام ڏيندا. اين اي او سي موجب پنجاب …
سڄي ملڪ جي چونڊ ضلعن ۾ پوليو جي روڪٿام واري قومي مهم شروع

مزید خبریں
اسلام آباد- 21 سيپٽمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ جي چونڊ ضلعن ۾ ذيلي قومي پوليو جي روڪٿام مهم شروع ٿي وئي آهي. نيشنل ايمرجنسي آپريشنز سينٽر موجب مهم دوران سڄي ملڪ جي 115 ضلعن ۾ 3 ڪروڙ 10 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ويندا. مهم دوران 2 لک 73 هزار کان وڌيڪ پوليو ورڪرز خدمتون انجام ڏيندا. اين اي او سي موجب پنجاب جي 13 چونڊ ضلعن ۾ هڪ ڪروڙ 6 لک ٻارن، سنڌ صوبي جي 30 چونڊ ضلعن ۾ هڪ ڪروڙ، خيبر پختونخوا جي 37 چونڊ ضلعن ۾ 73 لک، جڏهن ته بلوچستان جي 32 چونڊ ضلعن ۾ 23 لک ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ويندا. اهڙي طرح اسلام آباد ۾ 4 لک 47 هزار جڏهن گلگت بلتستان جي 2 چونڊ ضلعن ۾ هڪ لک 37 هزار ٻارن کي ڦڙا پيارڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. اين اي او سي جي عملدارن والدين کي اپيل ڪئي آهي ته هو ٻارن جي صحتمند ۽ محفوظ مستقبل لاءِ پوليو ٽيمن سان ڀرپور تعاون ڪن ۽ پنجن سالن کان ننڍي عمر جي ٻارن کي مهم دوران پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا لازمي پيارين.










