ڳالهين جي بحالي لاءِ ڪوششون جاري آهن، آمريڪا ايران سان معاهدو چاهي ٿو: قطر

دوحه- 21 سيپٽمبر (اي پي پي) قطر چيو آهي ته امريڪا ايران سان معاهدو ڪرڻ چاهي ٿو ۽ ڳالهيون ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ دوحه ڌرين سان رابطي ۾ آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق قطر جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ماجد الانصاري نيويارڪ ۾ قطر اڪنامڪ فورم جي موقعي تي ٻڌايو ته سندس ملڪ ڪيترن ئي هفتن کان آمريڪا ۽ ايران سان مختلف تجويزن تي ڳالهيون ڪري رهيو آهي ته جيئن ڳالهين …

دوحه- 21 سيپٽمبر (اي پي پي) قطر چيو آهي ته امريڪا ايران سان معاهدو ڪرڻ چاهي ٿو ۽ ڳالهيون ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ دوحه ڌرين سان رابطي ۾ آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق قطر جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ماجد الانصاري نيويارڪ ۾ قطر اڪنامڪ فورم جي موقعي تي ٻڌايو ته سندس ملڪ ڪيترن ئي هفتن کان آمريڪا ۽ ايران سان مختلف تجويزن تي ڳالهيون ڪري رهيو آهي ته جيئن ڳالهين جي بحالي جي راهه هموار ڪري سگهجي. هن چيو ته قطر ٻنهي ڌرين وچ ۾ اختلاف گهٽ ڪرڻ ۽ ڳالهيون اڳيان وڌائڻ لاءِ مناسب وقت جي تلاش ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيو آهي. ماجد الانصاري موجب آمريڪي انتظاميه جي ڪيترن ئي عهديدارن به واضح ڪيو آهي ته واشنگٽن معاهدي ۽ جنگ جي حل جا خواهشمند آهن. هن چيو ته ڪنهن به امڪاني معاهدي جو مقصد خطي ۾ استحڪام سان گڏوگڏ آبناءِ هرمز سميت اهم آبي گذرگاهن جي تحفظ لاءِ عالمي اتفاق راءِ قائم ڪرڻ آهي. ترجمان چيو ته آبناءِ هرمز کي کولڻ ۽ جنگ روڪڻ موجوده سفارتي ڪوششن جا ٻه اهم مقصد آهن.