بلاول ڀٽو زرداري جمهوري سياست جي نئين نسل جو آواز آهي: شازيه مري

حيدرآباد- 21 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شازيه مري پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي سالگره تي مبارڪون ڏيندي چيو آهي، ته بلاول ڀٽو زرداري جمهوري سياست جي نئين نسل جو آواز ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي جمهوري مشن جو علمبردار آهي. پنهنجي بيان ۾ شازيه مري چيو ته بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جي ننڍي عمر وارو پرڏيهي وزير رهي چڪو آهي ۽ …

حيدرآباد- 21 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شازيه مري پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي سالگره تي مبارڪون ڏيندي چيو آهي، ته بلاول ڀٽو زرداري جمهوري سياست جي نئين نسل جو آواز ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي جمهوري مشن جو علمبردار آهي. پنهنجي بيان ۾ شازيه مري چيو ته بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جي ننڍي عمر وارو پرڏيهي وزير رهي چڪو آهي ۽ هن 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ دوران متاثرن جو آواز عالمي سطح تي بلندو ڪيو. هن عالمي برادري جو ڌيان ٻوڏ متاثرن جي ڏکيائين طرف ڇڪائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته پاڪ ڀارت جنگ کان پوءِ پاڪستان جو موقف دنيا تائين پهچائڻ لاءِ بلاول ڀٽو زرداري وفد جي قيادت ڪئي ۽ عالمي گادي وارن هنڌن تي پاڪستان جو موقف اثرائتي انداز ۾ اجاگر ڪيو. هن پاڪستان جي امن ۽ ڳالهين جي موقف کي به عالمي برداري سامهون پيش ڪيو. شازيه مري چيو ته عوام جا سياسي ۽ معاشي حق بلاول ڀٽو زرداري جي جدوجهد جو محور آهن. جڏهن ته هو جمهوريت، آئين ۽ عوام جي حڪمراني واري حق جو آواز آهي. بلاول ڀٽو زرداري ترقي پسند ۽ خوشحال پاڪستان جي ويزن کي اڳيان وڌائي رهيو آهي.