ڪوهاٽ- 21 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سومر ڏينهن ڪوهاٽ واقعي ۾ شهيد ٿيندڙ ٽن ڀينرن جي اڪيلي ڀاءُ پوليس اهلڪار فهيم الله جي گهر ويو جتي هن شهيد جي والد اڪرام الله سان ملاقات ڪئي ۽ شهيد فهيم الله جي رُوح جي ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير شهيد جي خاندان سان همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي …
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جي ڪوهاٽ واقعي ۾ شهيد ٿيندڙ پوليس اهلڪار فهيم الله جي گهر آمد، شهيد جي والد سان ملاقات
ڪوهاٽ- 21 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سومر ڏينهن ڪوهاٽ واقعي ۾ شهيد ٿيندڙ ٽن ڀينرن جي اڪيلي ڀاءُ پوليس اهلڪار فهيم الله جي گهر ويو جتي هن شهيد جي والد اڪرام الله سان ملاقات ڪئي ۽ شهيد فهيم الله جي رُوح جي ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير شهيد جي خاندان سان همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستاني قوم فهيم الله جهڙن بهادر جوانن جي قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندي. هن چيو ته شهيدن ملڪ جي امن ۽ سلامتي لاءِ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو، انهن جون قربانيون رائگان نه وينديون، شهيدن جي پونئرن کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏيو ويندو. وفاقي وزير چيو ته پوري قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي بهادر اهلڪارن سان گڏ بيٺل آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير شهيد فهيم الله جي درجن جي بلندي ۽ پونئرن جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي وزير سان مسلم ليگ (ن) جو مقامي اڳواڻ صادق رضا به گڏ هو.











