ڪراچي- 21 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه ايم ڊي ڪيٽ 2026ع جي ڪامياب ۽ شفاف منعقد ٿيڻ تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اميدوارن جي مستقبل سان لاڳاپيل امتحانن ۾ شفافيت حڪومت جي اولين ترجيح آهي. چيف سيڪريٽري ايم ڊي ڪيٽ جي امتحاني عمل جي سڌي ريت نگراني ڪئي. هن چيو ته سنڌ ۽ اسلام آباد جي 9 امتحاني مرڪزن تي ايم …
سنڌ جي چيف سيڪريٽري پاران ايم ڊي ڪيٽ 2026ع جي ڪامياب منعقد ٿيڻ تي اطمينان جو اظهار

مزید خبریں
ڪراچي- 21 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه ايم ڊي ڪيٽ 2026ع جي ڪامياب ۽ شفاف منعقد ٿيڻ تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اميدوارن جي مستقبل سان لاڳاپيل امتحانن ۾ شفافيت حڪومت جي اولين ترجيح آهي. چيف سيڪريٽري ايم ڊي ڪيٽ جي امتحاني عمل جي سڌي ريت نگراني ڪئي. هن چيو ته سنڌ ۽ اسلام آباد جي 9 امتحاني مرڪزن تي ايم ڊي ڪيٽ منظم ۽ شفاف طريقي سان منعقد ڪيو ويو. هن ٻڌايو ته ايم ڊي ڪيٽ 2026ع لاءِ مجموعي طور 34 هزار 235 اميدوار رجسٽرڊ ٿيا، جن ۾ 12 هزار 853 مرد ۽ 21 هزار 382 عورت اميدوار شامل هئا. آصف حيدر شاهه چيو ته امتحان ۾ مڪمل شفافيت يقيني بڻائڻ لاءِ ٽن سطحن تي ٻڌل نگراني جو نظام قائم ڪيو ويو، جڏهن ته هر امتحاني مرڪز تي سکر آءِ بي اي، صحت کاتي ۽ ضلعي انتظاميا تي ٻڌل نگراني ٽيمون مقرر ڪيون ويون. هن چيو ته اثرائتي نگراني ذريعي امتحاني عمل ۾ ميرٽ، شفافيت ۽ غيرجانبداري کي يقيني بڻايو ويو ۽ ايم ڊي ڪيٽ جا سمورا مرحلا سٺي طريقي سان مڪمل ڪيا ويا. هن سکر آءِ بي اي، صحت کاتي ۽ ضلعي انتظاميا جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته لاڳاپيل ادارن جي محنت ۽ گڏيل ٽيم ورڪ ساراهه جوڳو آهي. هن واضح ڪيو ته ميرٽ جو تحفظ ۽ اميدوارن جو اعتماد هر صورت ۾ برقرار رکيو ويندو.










