نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس ۾ شرڪت لاءِ نيويارڪ پهچي ويو

نيويارڪ- 21 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس ۾ شرڪت لاءِ نيويارڪ پهچي ويو. پرڏيهي آفيس پاران سومر تي جاري ڪيل بيان موجب، نيويارڪ پهچڻ تي گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي سفير عاصم افتخار احمد، آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ، قونصل جنرل نيويارڪ امير احمد عٽوزئي ۽ گڏيل قومن ۾ …

نيويارڪ- 21 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس ۾ شرڪت لاءِ نيويارڪ پهچي ويو. پرڏيهي آفيس پاران سومر تي جاري ڪيل بيان موجب، نيويارڪ پهچڻ تي گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي سفير عاصم افتخار احمد، آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ، قونصل جنرل نيويارڪ امير احمد عٽوزئي ۽ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مشن ۽ نيويارڪ ۾ قونصليٽ جي آفيسرن سندس استقبال ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جو ايندڙ هفتي دوران اعليٰ سطحي ملاقاتن ۽ مصروفيتن جو مڪمل شيڊول آهي. هو وزارتي فورمن ۾ شرڪت ڪندو ۽ پاڪستان لاءِ اهميت جوڳن اهم معاملن تي ملڪ جو موقف پيش ڪندو، جنهن ۾ گڏيل قومن جي ايجنڊا تي ٻطرفي، علائقائي ۽ عالمي ترجيحُون شامل آهن. نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت کانسواءِ پنهنجي هم منصبن سان ڪيتريون ئي ٻطرفيُون ملاقاتون ڪندو ۽ مختلف اعليٰ سطحي سرگرمين ۾ حصو وٺندو.