ڊيوس ڪپ ڪواليفائينگ: انگلينڊ ايڪواڊور کي شڪست ڏئي ڪوارٽر فائنل ۾ داخل

لنڊن- 21 سيپٽمبر (اي پي پي) انگلينڊ ايڪواڊور کي هڪ طرفي مقابلي کانپوءِ0 -4 تان شڪست ڏئي 2023ع کانپوءِ پهريون ڀيرو ڊيوس ڪپ فائنلز لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب لنڊن جي ڪاپر باڪس ايرينا ۾ ڊبلز مقابلي ۾ انگلينڊ جي هينري پيٽن ۽ سندس هم وطن جوڙيدار نيل سڪو پسڪي ايڪواڊور جي گونزالو ايسڪو بارٽن ۽ سندس هم وطن جوڙيدار ڊياگو ايدالگو کي 3-6، 4-6 تان شڪست …

لنڊن- 21 سيپٽمبر (اي پي پي) انگلينڊ ايڪواڊور کي هڪ طرفي مقابلي کانپوءِ0 -4 تان شڪست ڏئي 2023ع کانپوءِ پهريون ڀيرو ڊيوس ڪپ فائنلز لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب لنڊن جي ڪاپر باڪس ايرينا ۾ ڊبلز مقابلي ۾ انگلينڊ جي هينري پيٽن ۽ سندس هم وطن جوڙيدار نيل سڪو پسڪي ايڪواڊور جي گونزالو ايسڪو بارٽن ۽ سندس هم وطن جوڙيدار ڊياگو ايدالگو کي 3-6، 4-6 تان شڪست ڏئي انگلينڊ جي مجموعي برتري 3-0 ڪري ڇڏي، جنهن کانپوءِ فائنلز ۾ جڳهه يقيني بڻجي وئي. ان کان اڳ سنگلز مقابلن ۾ ٽوبي سيموئل ۽ آرٿر فري انگلينڊ کي 2-0 جي برتري ڏياري هئي. برطانوي ڪپتان ليون سمٿ ڪاميابي تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته ٽن سالن کان پوءِ فائنلز ۾ واپسي اهم ڪاميابي آهي ۽ ٽيم ٽنهي مقابلن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري شاندار ڪاڪردگي ڏيکاري. ڊيوس ڪپ فائنلز جو ڪوارٽر فائنل مرحلو 24 کان 29 نومبر تائين اٽلي جي شهر بولوگنا ۾ کيڏيو ويندو. ميزبان ۽ ٽي ڀيرا جي دفاعي چئمپين اٽلي پهريان ئي فائنلز لاءِ ڪواليفائي ڪري چڪو آهي.