اسلام آباد- 21 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري عالمي برادري تي زور ڀريو ته هو گڏيل قومن جي منشور جي پاسداري، عالمي قانون جي احترام ۽ تڪرارن جي پرامن ذريعن سان منصفاڻو ۽ پائيدار حل کي هٿي ڏئي پنهنجي ذميواري پوري ڪري. جٽادار امن صرف ڳالهين، سفارتڪاري، انصاف ۽ عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي مڪمل پاسداري ذريعي ئي حاصل ڪري سگهجي ٿو، عوام جي …
جٽادار امن ڳالهيون، سفارتڪاري، عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي منشور جي پاسداري ذريعي حاصل ڪري سگهجن ٿا: صدر آصف علي زرداري

مزید خبریں
اسلام آباد- 21 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري عالمي برادري تي زور ڀريو ته هو گڏيل قومن جي منشور جي پاسداري، عالمي قانون جي احترام ۽ تڪرارن جي پرامن ذريعن سان منصفاڻو ۽ پائيدار حل کي هٿي ڏئي پنهنجي ذميواري پوري ڪري. جٽادار امن صرف ڳالهين، سفارتڪاري، انصاف ۽ عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي مڪمل پاسداري ذريعي ئي حاصل ڪري سگهجي ٿو، عوام جي خوداراديت واري حق کان انڪار ۽ سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن تي عملدآمد نه ڪندڙ پرڏيهي قبضن جي حالتن ۾ پائيدار امن قائم نٿو ٿي سگهي. هن اها ڳالهه امن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چئي جيڪو 21 سيپٽمبر تي پاڪستان سڄي دنيا ۾ ملهايو پيو وڃي. صدر چيو ته امن جو عالمي ڏهاڙي اسان کي ياد ڏياري ٿو ته پائيدار امن صرف ڳالهين، سفارتڪاري، انصاف ۽ عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن جي مڪمل احترام ذريعي ئي حاصل ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته هلندڙ سال جو موضوع ”امن ۾ سيڙپڪاري: هر هڪ لاءِ، هر جاءِ، هر ڏينهن“ اسان کي ياد ڏياري ٿو ته امن لاءِ هر سطح تي مسلسل ڪوششن جي ضرورت آهي. صدر آصف علي زرداري چيو آهي، ته پاڪستان عالمي امن، سلامتي ۽ گڏيل قومن جي مرڪزي ڪردار تي ٻڌل مضبوط، موثر ۽ جامع گهڻ رخي نظام لاءِ پنهنجي پختي عزم تي عمل ڪري رهيو آهي. اسان تڪرارن جي پرامن حل ۽ ڳالهين، سفارتڪاري ۽ اجتماعي قدمن جي بنياد تي تڪرارن جي روڪٿام ۽ حل لاءِ جامع نقطئه نظر جي حمايت ڪيون ٿا. هن چيو ته ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پاڪستاني امن جٿن سڄي دنيا ۾ گڏيل قومن جي مشنز ۾ خدمتون انجام ڏئي رهيا آهن، شهرين جي تحفظ، تڪرارن کان متاثر برادرين جي مدد ڪرڻ ۽ اهڙيون حالتون پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڪئي آهي جتي امن جي بنياد مضبوط ٿي سگهي. اڪثر ڏکين ۽ خطرناڪ حالتن ۾، انهن جون خدمتون عالمي امن لاءِ پاڪستان جي پراڻي عزم جي عڪاسي ڪن ٿيون. اسان ان کي خراج عقيدت پيش ڪيون ٿا جنهن ان مقصد لاءِ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو ۽ گڏيل قومن جي امن جي قيام ۽ استحڪام جي ڪوششن جي حمايت لاءِ پرعزم رهيو. صدر مملڪت چيو ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ تڪرر جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن کي عالمي سطح تي ساراهيو ويو. اسلام آباد مفاهمتي يادداشت ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ ڳالهين ذريعي حل جي راهه هموار ڪئي. بعد ۾ برگن اسٽاڪ، سوئٽزرلينڊ ۾ اعليٰ سطح جون ڳالهيون ان يادداشت تي عملدرآمد تي توجهه ڏيندي ڪوششن کي اڳتي وڌايو. پاڪستان ڳالهيون جاري رکڻ ۽ خطي جي عوام ۽ وسيع تر دنيا لاءِ پائيدار امن جي حاصلات جي ڪوششن ۾ مصروف آهي. هن ياد ڏياريو گه گذريل سال گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي صدارت دوران پاڪستان پاران پيش ڪيل سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن 2788 جو متفقه طور منظور ٿيڻ، تڪرارن جي پرامن حل جي طريقيڪار کي مضبوط بڻائڻ لاءِ سلامتي ڪائونسل جي عزم جو هڪ اهم ورجاءُ هو. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ به ڪيو ته پاڪستان سمجهي ٿو ته جتي عوام جي خوداراديت واري حق کان انڪار ڪيو وڃي ۽ سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن تي عملدرآمد نه ٿئي، اتي پائيدار امن قائم نٿو ٿي سگهي. ان ۾ پرڏيهي قبضي جون حالتون به شامل آهن جن ۾ ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۽ والاريل فلسطيني علائقا شامل آهن. هن چيو ته امن جي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستان عالمي برادري تي زور ڀري ٿو ته هو گڏيل قومن جي منشور جي پاسداري، عالمي قانون جي احترام ۽ تڪرارن جي پرامن ذريعي منصفاڻي ۽ پائيدار حل کي هٿي ڏئي پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري. صدر مملڪت چيو ته اسان اولهه ايشيا ۽ ان کان به اڳتي ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي لاءِ مسلسل حمايت جي گهرجائو آهيون. پاڪستان انهن اجتماعي ڪوششن ۾ هڪ قابل اعتماد شراڪتدار جي حيثيت سان وڌيڪ پرامن ۽ خوشحال دنيا جي قيام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي.











