اسلام آباد - 10 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مڪه معاهدي جا قطعي طور تي ڪي به جارحاڻا مقصد نه آهن، اهو رڳو دفاعي مقصدن ۽ خطي ۾ امن، ترقي ۽ خوشحالي جي فروغ جي لاءِ آهي، مسلمان امت جي لاءِ اهو معاهدو سگهه جو سبب آهي، سالن کان ان جي لاءِ ڪوششون ٿي رهيون هيون، فتنه الخوارج جي خلاف ڪارروايون جاري آهن، مسلم …
مڪه معاهدي جا قطعي طور تي ڪي به جارحاڻا مقصد نه آهن، اهو رڳو دفاعي مقصدن ۽ خطي ۾ امن، ترقي ۽ خوشحالي جي فروغ جي لاءِ آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مڪه معاهدي جا قطعي طور تي ڪي به جارحاڻا مقصد نه آهن، اهو رڳو دفاعي مقصدن ۽ خطي ۾ امن، ترقي ۽ خوشحالي جي فروغ جي لاءِ آهي، مسلمان امت جي لاءِ اهو معاهدو سگهه جو سبب آهي، سالن کان ان جي لاءِ ڪوششون ٿي رهيون هيون، فتنه الخوارج جي خلاف ڪارروايون جاري آهن، مسلم ليگ (ن) آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ اڪثريتي پارٽي بڻجي اڀري، ترقي ۽ خوشحالي جو سفر شروع ٿيندو، لاقانونيت ۽ انتشار جي اجازت نه ڏينداسين، آڇ ڪئي هئي ته نئين اسيمبلي ۾ ڪيس کڻي وڃو، اڪثريت سان پناهگيرن جي سيٽن جو فيصلو ڪنداسين، جيڪي امن سان ڳالهيون ڪرڻ چاهين انهن جي لاءِ موقعو فراهم ڪيو ويندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار سومر ڏينهن هتي وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته جمعي ڏينهن مڪه مڪرمه ۾ پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي وچ ۾ دفاعي معاهدو طئي ٿيو جنهن تي سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان، ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ۽ مون صحيحون ڪيون. هن چيو ته ڏهاڪن کان پاڪستان سعودي عرب سان گڏجي حرمين شريفين جي حفاظت جو فرض نڀائيندو رهيو آهي، گذريل سال ان سلسلي ۾ باقاعده معاهدو طئي ٿيو هو، انهي معاهدي جي توسيع ٿي آهي، ٽنهي ملڪن جي وچ ۾ اهو معاهدو خطي ۾ امن، سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ آهي، پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ به ڏهاڪن تي ٻڌل تعاون موجود آهي. پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه دفاعي معاهدو اڳ کان موجود تعاون جو تسلسل آهي. وزيراعظم چيو ته حرمين شريفين جي تحفظ جي ذميواري پاڪستان جي عوام ۽ فوج جي لاءِ اهم فرض آهي. هن واضح ڪيو ته ٽه ڌريو دفاعي معاهدو ڪنهن جي خلاف قطعي طور تي جارحيت نه آهي، اهو رڳو دفاعي مقصدن ۽ خطي جي امن، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ آهي. وزيراعظم چيو ته معاهدو مسلمان امت جي لاءِ سگهه جو سبب آهي. وزيراعظم ٽه ڌريي معاهدي جي لاءِ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته اهو ڪيترن ئي ڏهاڪن جي ڪوششن جو نتيجو آهي. وزيراعظم ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي قومي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته دهشتگردن ڪجهه علائقن ۾ دهشتگردي جو بازار گرم ڪيو. مختلف واقعن ۾ اسان جي پوليس ۽ پاڪ فوج جا آفيسرز ۽ جوان شهيد ٿيا. هنگو، سوات ۽ ٻين علائقن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي جوانن پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا. هن ميجر حافظ احسان الاهي، ڪيپٽن حمزه اڪرم، ڊي ايس پي ديار خان سميت سمورن شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اسان جي بهادر فرزندن عظيم قربانيون ڏنيون آهن. دهشتگردي جي خلاف قربانيون رائيگان نه وينديون. انشاءَ الله ملڪ مان هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردي جي لعنت جو خاتمو ٿيندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف جي پراڻي ساٿي اقبال چنڙ جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو. هن مرحوم جي سياسي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته اقبال چنڙ مشڪل وقت ۾ مسلم ليگ (ن) سان مضبوطي سان گڏ بيٺل رهيو. وزيراعظم ڪابينا کي ٻڌايو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي چونڊن ۾ عوام مسلم ليگ (ن) تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، پهرين ٻن مرحلن ۾ مسلم ليگ (ن) کي واضح ڪاميابي ملي آهي، چونڊ نتيجا قائد محمد نواز شريف جي قيادت تي اعتماد جو اظهار آهي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) آزاد ڪشمير ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ترقي ۽ خوشحالي جو سفر شروع ڪندي. هن آزاد ڪشمير جي عوام پاران اعتماد جي اظهار تي ٿورا ادا ڪيا. وزيراعظم چيو ته ڪنهن به مهذب معاشري ۾ لاقانونيت جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، مسئلن جو حل ڳالهه ٻولهه جي ذريعي ڪڍيو وڃي ٿو. هن چيو ته ڪجهه عنصرن آزاد ڪشمير جون حالتون ڄاڻي واڻي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، واضح ثبوت موجود آهن ته اهي غيرن جي اشارن تي ڪم ڪري رهيا هئا. اليڪشن کان اڳ مظفرآباد ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس جنهن ۾ هڪ کانسواءِ سموريون پارٽيون موجود هيون، ۾ معاملن تي هر رخ سان ڳالهه ٻولهه ٿي. تجويز ڏني وئي ته پناهگيرن جي سيٽن جي حوالي سان چونڊن کانپوءِ نئين چونڊيل اسيمبلي ۾ پنهنجو ڪيس کڻي اچو، جيڪو اڪثريت سان آئين ۽ قانون موجب فيصلو ٿيندو ان کي قبول ڪيو ويندو، سموريون ڳالهيون طئي ٿي ويون پر اهي بضد رهيا، هروڀرو ضد سان معاملا خراب ٿي ويا. وزيراعظم چيو ته ڳالهه ٻولهه جو سلسلو نئين حڪومت جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ اڳتي وڌندو، جيڪي ماڻهو رڳو اهو چاهين ٿا ته خرابي ڪرڻي آهي انهن کي انتشار ۽ بدامني ڦهلائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي پر جيڪي امن، تحمل ۽ برداشت سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ چاهين ٿا نئين حڪومت انهن جي لاءِ موقعو فراهم ڪندي. وزيراعظم چيو ته جشن آزادي اچي رهي آهي، قوم روايتي ۽ شاندار طريقي سان جشن آزادي ملهائڻ جي لاءِ ڀرپور تياريون ڪري رهي آهي، صوبن سان گڏجي 14 آگسٽ ڀرپور شاندار طريقي سان ملهائينداسين. هن چيو ته پاڪستان کي ترقي، امن ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ پُرعزم آهيون ۽ پاڪستان کي صحيح معنى ۾ قائد جو پاڪستان بڻائينداسين، امانت ۽ ديانت سان پاڪستان کي دنيا ۾ ان جو باوقار مقام ڏيارينداسين. وزيراعظم جي هدايت تي مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف ڪابينا اجلاس ۾ شهادت ماڻيندڙ بهادر فرزندن ۽ اقبال چنڙ جي درجن جي بلنديءَ لاءِ دعا ڪرائي.









