اسلام آباد - 10 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي وچ ۾ تاريخي گڏيل دفاعي معاهدي تي صحيحن کي انتهائي اهم سفارتي ۽ دفاعي اڳڀرائي قرار ڏيندي متفقه قرارداد جي منظوري ڏني آهي جنهن ۾ وزيراعظم، نائب وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل کي انهن جي مدبراڻي ۽ دورانديش قيادت، پاڪستان جو عالمي تشخص بلند ڪرڻ ۽ ملڪ جي قومي مفادن جي موثر دفاع تي خراج …
وفاقي ڪابينا ۾ مڪه معاهدي تي وزيراعظم، نائب وزيراعظم، فيلڊ مارشل کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جي متفقه قرارداد منظور، ڪابينا نيشنل هائوسنگ پاليسي 2026ع ۽ ايڪشن پلان جي منظوري ڏئي ڇڏي

مزید خبریں
اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي وچ ۾ تاريخي گڏيل دفاعي معاهدي تي صحيحن کي انتهائي اهم سفارتي ۽ دفاعي اڳڀرائي قرار ڏيندي متفقه قرارداد جي منظوري ڏني آهي جنهن ۾ وزيراعظم، نائب وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل کي انهن جي مدبراڻي ۽ دورانديش قيادت، پاڪستان جو عالمي تشخص بلند ڪرڻ ۽ ملڪ جي قومي مفادن جي موثر دفاع تي خراج تحسين پيش ڪيو ويو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس سومر ڏينهن هتي اسلام آباد ۾ ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس شروع ٿيڻ تي ڪابينا متفقه طور تي هڪ قرارداد منظور ڪئي جنهن ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي انهن جي مدبراڻي ۽ دورانديش قيادت، پاڪستان جو عالمي تشخص بلند ڪرڻ ۽ ملڪ جي قومي مفادن جي موثر دفاع تي خراج تحسين پيش ڪيو ويو. ڪابينا ميمبرن پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي وچ ۾ تاريخي گڏيل دفاعي معاهدي تي صحيحن کي اهم سفارتي ۽ دفاعي اڳڀرائي قرار ڏنو. قرارداد ۾ ان معاهدي کي مسلمان امت جي وچ ۾ اتحاد ۽ اتفاق کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ هڪ اهم قدم قرار ڏنو ويو. بيان موجب وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ نيشنل هائوسنگ پاليسي 2026ع ۽ ان تي عملدرآمد جي لاءِ ايڪشن پلان جي منظوري ڏني وئي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته نيشنل هائوسنگ پاليسي قومي ۽ عالمي ماهرن تي ٻڌل ورڪنگ گروپ تيار ڪئي جڏهن ته ان جي تياري دوران وفاقي وزارتن، صوبائي حڪومتن ۽ ترقياتي حصيدارن سان پڻ مشاورت ڪئي وئي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته پاليسي جو بنيادي مقصد سمورن شهرين جي لاءِ پائيدار، محفوظ ۽ معياري رهائش جي فراهمي آهي. ڪابينا هدايت ڪئي ته هائوسنگ منصوبن ۾ زوننگ قانونن جي مڪمل پابندي يقيني بڻائي وڃي ۽ زمين جي موثر استعمال جي لاءِ عمودي رهائش کي ترجيح ڏني وڃي. گڏوگڏ ڪابينا هدايت ڪئي ته انرجي ايفيشنسي ڪوڊز کي پڻ نيشنل هائوسنگ پاليسي جو لازمي حصو بڻايو وڃي ته جيئن نئين تعميرات توانائي جي موثر ۽ ماحول دوست گهرجن سان هم آهنگ هجي. ڪابينا کي وزيراعظم جي “پنهنجو گهر” اسڪيم تحت اڳڀرائي تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته پنهنجي گهر جي خواهشمند درخواستگذارن کي مختلف بئنڪن پاران 220 ارب رپين جي قرض جي منظوري ڏني وئي آهي جڏهن ته ڪامياب درخواستگذارن کي 32 ارب رپين کان وڌيڪ جي رقم پڻ جاري ڪئي وئي آهي. ڪابينا بورڊ آف انويسٽمينٽ پاران پيش ڪيل سمري تي پاڪستان ۽ سوئيڊن جي وچ ۾ 1981ع ۾ طئي ٿيندڙ ٻطرفي سيڙپڪاري جي معاهدي جي خاتمي جو نوٽيس واپس وٺڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت پاران ڪابينا کي پاڪستان انفارميشن سيڪيورٽي فريم ورڪ 2026ع (پي آءِ ايس ايف – 2026ع) جو مسودو پيش ڪيو ويو. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته اهو فريم ورڪ سي اي آر ٽي رولز 2023ع تحت تيار ڪيو ويو آهي جنهن جو مقصد انفارميشن سيڪيورٽي جي بنيادي هڪ جهڙن معيارن جو هڪ جامع ۽ متحد نظام جوڙڻ ۽ مرڪزي نگراني کي يقيني بڻائڻ آهي. ڪابينا پاڪستان انفارميشن سيڪيورٽي فريم ورڪ 2026ع جي منظوري ڏيندي ان کي سائبر سيڪيورٽي جي لاءِ هڪ اهم دستاويز قرار ڏنو ۽ هدايت ڪئي ته ان تي مقرر مدي جي اندر موثر انداز ۾ عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. وفاقي ڪابينا 28 جولاءِ تي ٿيندڙ توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلي جي پڻ توثيق ڪئي. ان فيصلي تحت پاڪستان آئل ريفائننگ پاليسي 2023ع ۾ تجويز ڪيل ترميمن جي توثيق ڪئي وئي جن موجب آئل ريفائنريز جي اپ گريڊيشن ڪئي ويندي ته جيئن ملڪي توانائي جي ضرورتن کي بهتر انداز ۾ پورو ڪري سگهجي. ڪابينا 27 جولاءِ ۽ 4 آگسٽ تي ٿيندڙ اقتصادي رابطا ڪميٽي جي اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي. اجلاس ۾ قانونسازي بابت ڪابينا ڪميٽي جي 24 جولاءِ تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي پڻ توثيق ڪئي وئي.










