سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي جي ملاقات

اسلام آباد- 10 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ عالمي امن جي حوالي سان پاڪستان جي ڪامياب سفارتي ڪردار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سومر ڏينهن گورنر آفيس مان جاري بيان مطابق ٻنهي اڳواڻن مڪه معاهدي کي مسلم امت ۽ خاص ڪري پاڪستان لاءِ هڪ وڏي سفارتي ڪاميابي ۽ ڏور رس اثر …

اسلام آباد- 10 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ عالمي امن جي حوالي سان پاڪستان جي ڪامياب سفارتي ڪردار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سومر ڏينهن گورنر آفيس مان جاري بيان مطابق ٻنهي اڳواڻن مڪه معاهدي کي مسلم امت ۽ خاص ڪري پاڪستان لاءِ هڪ وڏي سفارتي ڪاميابي ۽ ڏور رس اثر رکندڙ قرار ڏنو. ملاقات ۾ خيبر پختونخوا ۾ امن  امان جي صورتحال، صوبي جي حقن جي حوالي سان وفاق سان گڏ معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين خيبر پختونخوا جي حقن جي حوالي سان گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي جي ڪوششن کي ساراهيو. هن اڳوڻي فاٽا ۽ پاٽا ۾ ٽيڪسن جي خاتمي جي حوالي سان به گورنر جي ڪردار کي عوام دوست ۽ پارٽي منشور جي مطابق قرار ڏيندي ان کي خراجِ تحسين پيش ڪيو. 

مزید خبریں