اسلام آباد - 10 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان سومر ڏينهن يورپين پارليامينٽ جي ميمبر اوندري دوستال پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ يورپي يونين جي گڏيل لاڳاپن، اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ان موقعي تي ڳالهائيندي اسپيڪر چيو ته پاڪستان يورپي يونين سان پنهنجي ٻه طرفن لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏئي ٿو. …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان يورپين پارليامينٽ جي ميمبر اوندري دوستال جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان سومر ڏينهن يورپين پارليامينٽ جي ميمبر اوندري دوستال پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ يورپي يونين جي گڏيل لاڳاپن، اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ان موقعي تي ڳالهائيندي اسپيڪر چيو ته پاڪستان يورپي يونين سان پنهنجي ٻه طرفن لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏئي ٿو. پاڪستان ۽ يورپي يونين وچ ۾ پارلياماني رابطن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان ۽ يورپي يونين وچ ۾ گڏيل تعاون کي هٿي ڏيڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. هن چيو ته موسمياتي تبديلي هڪ عالمي چئلينج آهي، موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي سطح تي گڏيل ۽ موثر قدمن جي ضرورت آهي، پاڪستان موسمياتي تبديلين جي ناڪاري اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن جي فهرست ۾ شامل آهي. پاڪستان گرين هائوس گئسن کي خارج ڪرڻ ۾ نهايت معمولي حصو وجهي ٿو، قومي اسيمبلي ۾ گرين پارليامينٽ منصوبو ماحولياتي تحفظ ۽ تجديد جوڳي توانائي کي هٿي وٺائڻ جي عزم جو عملي اظهار آهي، موجوده قومي اسيمبلي قانونسازي، پارلياماني سڌارن ۽ عوامي اهميت جي معاملن تي موثر اڳڀرائي ڪئي. هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ ويمن پارليامينٽري ڪاڪس، چائلڊ پارليامينٽري ڪاڪس ۽ پائيدار ترقي جي هدفن جي سيڪريٽريٽ جو قيام، اهم پارلياماني قدمن آهن، عورتن، ٻارن جي حقن ۽ پائيدار ترقي جي هدفن جي حوالي سان پارليامينٽ جو ڪردار وڌيڪ موثر بڻايو پيووڃي. يورپي يونين جي ميمبر پاڪستان جي علائقائي امن، پارلياماني سفارتڪاري ۽ عالمي تعاون لاءِ ڪوششن کي ساراهيو ۽ چيو ته پاڪستان ۽ يورپي يونين وچ ۾ دوستاڻا ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل لاڳاپا انتهائي اهميت رکن ٿا. هن چيو ته پاڪستان جا اتريان علائقا قدرتي حسن سان مالا مال آهن.










