اسلام آباد - 10 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب وزيراعظم جي ايڪسيس ٽو فنانس پلان 28-2026ع تي تيز رفتار عملدرآمد لاءِ قائم ايڪسيس ٽو فنانس اسٽيئرنگ ڪميٽي جي ٻي اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ ايڪسيس ٽو فنانس پلان تي اڳڀرائي جو جامع جائزو ورتو ويو. جڏهن ته ايس ايم ايز، زراعت ۽ هائوسنگ فنانس بابت ذيلي ڪميٽين جون رپورٽون به پيش …
ناڻي واري وفاقي وزير جي صدارت هيٺ ايڪسيس ٽوفنانس اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس، ايس ايم ايز، زراعت ۽ هائوسنگ فنانس ۾ اڳڀرائي جو جائزو

مزید خبریں
اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب وزيراعظم جي ايڪسيس ٽو فنانس پلان 28-2026ع تي تيز رفتار عملدرآمد لاءِ قائم ايڪسيس ٽو فنانس اسٽيئرنگ ڪميٽي جي ٻي اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ ايڪسيس ٽو فنانس پلان تي اڳڀرائي جو جامع جائزو ورتو ويو. جڏهن ته ايس ايم ايز، زراعت ۽ هائوسنگ فنانس بابت ذيلي ڪميٽين جون رپورٽون به پيش ڪيون ويون. اجلاس ۾ ترجيحي شعبن ۾ مالياتي سهولتن تائين رسائي بهتر بڻائڻ، قانوني ۽ مالياتي ڊيٽا بابت معاملن کي آسان بڻائڻ ۽ قرضن جي فراهمي ۾ تيزي آڻڻ جي قدمن تي غور ڪيو ويو، ڪميٽي کي هول سيل فنانسنگ جي تجويز ڪيل فريم ورڪ تي بريفنگ ڏني وئي. ٻڌايو ويو ته فريم ورڪ بئنڪن سان انهن جي تجويزن جي لاءِ شيئر ڪيو ويندو ۽ اسٽيڪ هولڊرز جي مشاورت کان پوءِ ان کي حتمي شڪل ڏني ويندي. ڪميٽي تجويز ڪيل طريقيڪار ۾ مناسب ڪنٽرولز ۽ واضح قاعدا ۽ ضابطا جوڙڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. خاص ڪري انهن معاملن ۾ جتي حڪومت جي معاونت شامل هجي. اجلاس ۾ ايس ايم اي، زرعي ۽ هائوسنگ فنانس بابت ڊيش بورڊز ۽ اڳڀرائي جي اهڃاڻن جو به جائزو ورتو ويو. ڪميٽي کي مختلف مالياتي قدمن تحت جمع ڪيل ڊيٽا ۽ هفتيوار بنيادن تي اڳڀرائي جي نگراني لاءِ قائم ڊيش بورڊز جي استعمال کان آگاهه ڪيو ويو. ناڻي واري وزير ايڪسيس ٽو فنانس بابت اهم قدمن جي موثر نگراني لاءِ ڊيش بورڊز کي باقاعدگي سان اپ ڊيٽ ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀريو. اجلاس ۾ زرعي فنانس ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. فصلن جي انشورنس ڪوريج کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ڪراپ لون انشورنس اسڪيم کي ايريايلڊ انشورنس طرف بهتر بڻائڻ جي ڪوششن تي غور ڪيو ويو، جنهن سان آبادگارن کي انشورنس ادائگين تائين بهتر رسائي حاصل ٿي سگهي ٿي. ڪميٽي زرعي قرضن جي فراهمي ۽ آبادگارن تائين مالياتي سهولتن جو دائرو وسيع ڪرڻ جي ڪوششن جو به جائزو ورتو. اجلاس ۾ بئنڪن، اين بي ايف آئيز ۽ ٻين لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز وچ ۾ بهتر رابطن، جڏهن ته آبادگارن لاءِ فنانسنگ ۽ ادائگي جي طريقيڪار کي وڌيڪ موثر بڻائن جي ضرورت تي زور ڀريو. سستي هائوسنگ فنانس به اجلاس جو اهم موضوع رهيو. ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم پنهنجو گهر پروگرام گهر هجي ته پنهنجو، تحت جولاءِ تائين اٽڪل 34.27 ارب روپيا ورهايا ويا آهن. جڏهن ته بئنڪن طرفان 220.68 ارب روپين کان وڌيڪ جا قرض منظور ڪيا ويا آهن، اهي رقمون جاري ڪرڻ لاءِ تيار آهن. اجلاس ۾ هائوسنگ فنانس کي وڌيڪ آسان بڻائڻ لاءِ زمين ۽ ملڪيتن جي رڪارڊ جي ڊجيٽلائيزيشن، ملڪيتي دستاويزن جي تصديق ۽ رهڻ جي بنياد تي قرضن جي فراهمي جي نظام کي بهتر بڻائڻ جي قدمن جو جائزو ورتو ويو. ڪميٽي هائوسنگ فنانس جي نظام کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ڊولپرز سان رابطا، ملڪيتن جي وڌيڪ واضح ۽ موثر ۽ قابل تصديق دستاويزن عيوض فنانس جي سهولت فراهم ڪرڻ جي طريقيڪار تي عور ڪيو ويو. اجلاس ۾ پائيدار هائوسنگ فنانس کي هٿي وٺائڻ لاءِ مالياتي نظام کي مضبوط بڻائڻ ۽ اهم قانونسازي جي ضرورت کي به اجاگر ڪيو ويو. اجلاس ۾ پاڪستان ايڪسيليريٽڊ وهڪيل اليڪٽريفيڪيشن پروگرام تي به اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته هن وقت تائين 1200 کان وڌيڪ اليڪٽرڪ بائيڪس صارفين کي فراهم ٿي چڪيون آهن. ڪميٽي اليڪٽرڪ گاڏين ۽ برقي چر پر لاءِ فنانسنگ سهولتون وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي قدمن تي پڻ غور ڪيو. ان پروگرام جو مقصد نئين انرجي وهڪيل پاليسي 2030ع تحت ملڪ ۾ برقي گاڏين کي هٿي وٺائڻ، ٻارن جي درآمدات ۾ گهٽ ڪرڻ، صارفين جي ڊگهي مدي جي خرچن ۾ گهٽتائي، ماحولياتي بهتري جي هدفن کي اڳتي وڌائڻ شامل آهن.










