اسلام آباد- 10 آگسٽ (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ گهميل رهڻ جي اميد آهي، جڏهن ته اتر اوڀر پنجاب، مٿانهين خيبر پختونخوا، ڪشمير، اسلام آباد ۽ پوٽوهار خطي ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي چيو آهي ته هوا جو (سيزنل) گهٽ دٻاءُ اتر اوڀر بلوچستان …
ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ گهميل رهڻ جو امڪان آهي: موسميات کاتو

مزید خبریں
اسلام آباد- 10 آگسٽ (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ گهميل رهڻ جي اميد آهي، جڏهن ته اتر اوڀر پنجاب، مٿانهين خيبر پختونخوا، ڪشمير، اسلام آباد ۽ پوٽوهار خطي ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي چيو آهي ته هوا جو (سيزنل) گهٽ دٻاءُ اتر اوڀر بلوچستان تي موجود آهي. ملڪ جي مٿانهين حصن ۾ ڪمزور مون سون واريون هوائون داخل ٿي رهيون آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ گهميل رهي، جڏهن ته قصور ۾ 01 ملي ميٽر برسات پئي. سومر ڏينهن وڌ ۾ وڌ گرمي پد دادو 45، سبي، دالبندين، سکر، روهڙي ۽ خيرپور ۾ 43 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.









