پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي ۾ اقليتن جو ڪردار وسارڻ جوڳو ناهي، هر شهري جا حق، تحفظ ۽ برابري وارا موقعا يقيني بڻائڻ رياست جي ذميواري آهي: يوسف رضا گيلاني

اسلام آباد - 10 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي، ته پاڪسان جي تعمير ۽ ترقي ۾ اقليتي برادرين جو ڪردار وسارڻ جوڳو ناهي، اقليتون ملڪي معاشرتي ڍانچي ۽ قومي سڃاڻپ جو اهم حصو آهن، رياست جي ذميواري اهي ته هر شهري جي وقار، تحفظ، برابري وارا حق ۽ ترقي جا هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪرڻ يقيني بڻائي. اهڙو اظهار هن پارليامينٽ هائوس ۾ …

اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي، ته پاڪسان جي تعمير ۽ ترقي ۾ اقليتي برادرين جو ڪردار وسارڻ جوڳو ناهي، اقليتون ملڪي معاشرتي ڍانچي ۽ قومي سڃاڻپ جو اهم حصو آهن، رياست جي ذميواري اهي ته هر شهري جي وقار، تحفظ، برابري وارا حق ۽ ترقي جا هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪرڻ يقيني بڻائي. اهڙو اظهار هن پارليامينٽ هائوس ۾ اقليتي برادرين جي  قومي ڏينهن جي حوالي سان ٿيل پروقار تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته 2009ع ۾ وزيراعظم جي حيثيت سان سندس حڪومت 11 آگسٽ کي اقليتن جو قومي ڏينهن قرار ڏنو هو جنهن جو مقصد اقليتي برادرين جا برابري وارا حق، مانُ مرتبو ۽ ملڪي خدمتن کي تسليم ڪندي قومي سطح تي عزم  جو اظهار ڪرڻ هو. هن چيو ته ان دور ۾ اقليتي معاملن لاءِ وفاقي وزارت جو قيام، وفاقي نوڪرين ۾ اقليتن لاءِ ڪوٽا ۽ سينيٽ ۾ اقليتن جي نمائندگي کي هٿي وٺائڻ سميت ڪيترائي عملي قدم کنيا ويا.  هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ اقليتي برادرين جي لازوال خدمتن تي ٻڌل آهي. تحريڪ پاڪستان ۾ اقليتي اڳواڻن جي ڪردار کي خراج تحسين پيش ڪندي هن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح، جوگندرناٿ منڊل کي پهرين دستور ساز اسيمبلي جي صدارت لاءِ چونڊيو ۽ کيس پاڪستان جو پهريون قانون وارو وزير مقرر ڪيو، جيڪو برابري، شموليت ۽ قومي يڪجهتي جي اصولن جو چٽو مثال آهي. هن چيو ته عدليه، هٿياربند فوج، تعليم، صحت، ادب، سائنس ۽ راندين سميت زندگي جي مختلف شعبن ۾ اقليتن پاڪستان جي خدمت ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو. سينيٽ چيئرمين جسٽس اي آر ڪارنيليس، جسٽس دراب پٽيل، جسٽس رانا ڀڳوانداس، گروپ ڪيپٽن سيسل چوڌري ۽ ڊاڪٽر رٿ فائو سميت ٻين شخصيتن جي خدمتن کي خصوصي طور ساراهيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته اقليتن جي حقن، مذهبي آزادي، انساني وقار جا اصول اسلامي روايتن ۾ به گهرائي سان جڙيل آهن. ميثاق مدينه مختلف مذهبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن وچ ۾ پرامن، گڏيل بقا ۽گڏيل ذميواري ۽ احترام تي ٻڌل معاشري جو روشن مثال آهي. هن چيو ته قومي اقليتي ڏينهن قائداعظم محمد علي جناح جي ويزن ۽ پاڪستان جي آئين ۾ موجود برابري، آزادي، انساني وقار ۽ شموليت جي اصولن جي تجديد جي عهد جو موقعو آهي. سيد يوسف رضا گيلاني اقليتي برادرين کي يقين ڏياريو ته هي پارليامينٽ اوهان جي آهي، اوهان هن جهنڊي هيٺان سڀ هڪجهڙا آهيو، اوهان جو تحفظ برابري وارا موقعا ۽ روشن مستقبل رياست جي ذميواري آهي. هن چيو ته پاڪستان اهڙو ملڪ هئڻ گهرجي جتي هر شهري جو احترام هجي. هر برادري کي قدر جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ۽ هر فرد کي ملڪ جي گڏيل مستقبل ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جا برابري وارا موقعا موجود هجن. هن قومي يڪجهتي بين المذاهب هم اهنگي ۽ رواداري کي هٿي ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت قرار ڏنو. سينيٽ چيئرمين پارليامينٽريز مينارٽيز ڪاڪس جي ڪنوينر سينيٽر دنيش ڪمار ۽ ڪاڪس جي اقليتي ميمبرن جي حقن، برابري جي موقعن ۽ اداره جاتي احتساب لاءِ سندن ڪوششن تي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ قومي اقليتي ڏينهن جي تقريب ڪوٺائڻت ي سندن ٿورو مڃيو.

مزید خبریں