ناڻي واري وفاقي وزير سان آمريڪي ناظم الامور نٽالي بيڪر جي ملاقات، ٻه طرفه اقتصادي تعاون ۽ سيڙپڪاري تي ڳالهيون

اسلام آباد - 10 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول بابت وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب پاڪستان ۾ آمريڪي ناظم الامور نٽالي بيڪر  سان ناڻي وزارت ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ امريڪا وچ ۾ اقتصادي لاڳاپا، ٻه طرفه واپار، سيڙپڪاري ۽ مالياتي تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي موقعن تي ڳالهيون ڪيون. ناڻي واري وزير آمريڪي ناظم الامور کي پنهنجي تازي واشنگٽن جي دوري بابت آگاهه ڪيو …

اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول بابت وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب پاڪستان ۾ آمريڪي ناظم الامور نٽالي بيڪر  سان ناڻي وزارت ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ امريڪا وچ ۾ اقتصادي لاڳاپا، ٻه طرفه واپار، سيڙپڪاري ۽ مالياتي تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي موقعن تي ڳالهيون ڪيون. ناڻي واري وزير آمريڪي ناظم الامور کي پنهنجي تازي واشنگٽن جي دوري بابت آگاهه ڪيو جتي هن آمريڪي ناڻي واري وزير، عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي اعليٰ انتظاميه، آمريڪي انٽرنيشنل ڊولپمينٽ فنانس ڪارپوريشن ۽ آمريڪي ايڪسپورٽ امپورٽ بئنڪ (ايگزم بئنڪ) جي عملدارن سان ملاقات ڪيون. سينيٽر محمد اورنگزيب آمريڪي ادارن سان ٿيل تعميري رابطن تي روشني وجهندي  مايلاتي تعاون، سيڙپڪاري ۽پاڪستان ۾ واپاري بنيادن تي عمل جوڳن منصوبن لاءِ فنانسنگ  جي موقعن کي وڌائڻ تي زور ڀريو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ گڏيل واپار جي فريم ورڪ جي حوالي سان آمريڪي واپاري نمائنده آفيس سان تازين ڳالهين تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ناڻي واري وزير چيو ته ڳالهين ۾ نمايان اڳڀرائي ٿي آهي ۽پاڪستان گڏيل مفادن جي بنياد تي ان فريم ورڪ کي اڳيان وڌائڻ، مارڪيٽ تائين پهچ بهتر بڻائڻ، روانگي واپار جي موقعن ۾  واڌ ۽ ٻه طرفه واپار کي هٿي وٺائڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو. ناڻي واري وزير عالمي ڪيپيٽل مارڪيٽس ۾ پاڪستان جي تازي اڳڀرائي ۽ مالي معاونت جي ذريعن کي سگهارو بڻائڻ جي ڪوششن کان به آمريڪي ناظم الامور کي آگاهه ڪيو. هن چيو ته حڪومت مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ بهتري، ملڪي خودمختيار ڪريڊٽ پروفائيل کي مضبوط بڻائڻ ۽ اقتصادي استحڪام ۽ پائيدار ترقي لاءِ ڊگهي مدي جي فنانسنگ ذريعن تائين رسائي تي توجهه ڏئي رهي آهي. ملاقات دوران آمريڪي مالياتي ادارن خاص ڪري ڊي ايف سي جي پاڪستان جي سيڙپڪاري جي منظرنامي ۾ وڌيڪ موثر شرڪت جا امڪان به غور هيٺ آيا. ناڻي واري وزير چيو ته سيڙپڪاري لاءِ تيار مخصوص منصوبن جي نشاندهي ۽ موزون مالياتي ڍانچي جي جوڙجڪ ذريعي آمريڪي ڪمپنين ۽ مالياتي ادارن جي پاڪستان ۾ شرڪت کي وڌيڪ آسان بڻائي سگهجي ٿو. ڌرين بندرگاهن ۽ لاجسٽڪس توانائي، ٽيلي ڪميونيڪيشن، ڊجيٽل ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت ۽ ٻين اڀرندڙ شعبن ۾ تعاون جي امڪانن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت نجي شعبي جي سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول  پيدا ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن پاڪستان ۾ آمريڪي ڪمپنين ۽ سيڙپڪارن جي وڌندڙ دلچسپي جي آجيان ڪئي. نٽالي بيڪر علائقائي تڪرارن ۽ ان جي معاشي اثرن خاص ڪري توانائي جي قيمتن ۾ واڌ کي منهن ڏيڻ ۽ اقتصادي ۽ مالياتي استحڪام برقرار رکڻ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. ناڻي واري وزير تبديل ٿيل صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومتي قدمن کان آگاهه ڪندي پيٽروليم شين جي قيمتن جي حوالي سان هاڻوڪي روزاني قيمتن ۾ نظرثاني جي طريقيڪار جو ذڪر ڪيو جنهن جو مقصد مقامي قيمتن کي عالمي مارڪيٽ جي حالتن سان وڌيڪ ويجهو رکڻ آهي. آمريڪي ناظم الامور پاڪستان جي اقتصادي سڌارا جاتي ايجنڊا لاءِ آمريڪي حمايت کي ورجايو ۽ مشڪل حالتن باوجود معيشت کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيو. نٽالي بيڪر پاڪستان سان ٻه طرفي واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ آمريڪا جي مسلسل دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستاني معيشت جي اهم شعبن ۾ آمريڪي ڪمپنين جي وڌيڪ شرڪت جي خواهش ظاهر ڪئي.

مزید خبریں