سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 800 رپين جي واڌ رڪارڊ

اسلام آباد- 10 آگسٽ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 800 رپين جي واڌ سان في تولو سون 4 لک 57 هزار 336 رپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب سومر ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 800 رپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون 4 لک 57 هزار 3 سئو 36 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 685 رپين جي واڌ …

اسلام آباد- 10 آگسٽ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 800 رپين جي واڌ سان في تولو سون 4 لک 57 هزار 336 رپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب سومر ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 800 رپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون 4 لک 57 هزار 3 سئو 36 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 685 رپين جي واڌ کانپوءِ 3 لک 91 هزار 406 رپين مان وڌي 3 لک 92 هزار 091 رپيا ٿي وئي، جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 58 هزار 801 رپين مان وڌي 3 لک 59 هزار 429 روپيا ٿي وئي. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن رپورٽ ڪئي ته في تولو چانديءَ جي قيمت 77 رپين جي واڌ کانپوءِ 6903 رپيا ۽ 10 گرام چانديءَ جي قيمت 66 رپين جي واڌ کانپوءِ 5918 رپيا ٿي وئي. ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 4341 ڊالرز مان وڌي 4349 ڊالرز ٿي وئي. اي پي پي/ م – ر / ز – ج / ج – پ 18:28

مزید خبریں