لاڙڪاڻو- 10 آگسٽ (اي پي پي) جشن آزادي جي حوالي سان ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور جي آفيس ۾ ٿيندڙ تقريبن کي ڀرپور ۽ جوش و جذبي سان ملهائڻ لاءِ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ون محمد فيضان چيمه جي صدارت هيٺ اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنھن ۾ چئن تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرز، روينيو کاتي جي ملازمن، تعليم کاتي جي آفيسرن، صحت، پوليس ۽ صوبائي توڙي وفاقي عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس دوران …
جشن آزادي جي حوالي سان ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور جي آفيس ۾ ٿيندڙ تقريبن کي ڀرپور ۽ جوش و جذبي سان ملهائڻ لاءِ اجلاس منعقد

مزید خبریں
لاڙڪاڻو- 10 آگسٽ (اي پي پي) جشن آزادي جي حوالي سان ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور جي آفيس ۾ ٿيندڙ تقريبن کي ڀرپور ۽ جوش و جذبي سان ملهائڻ لاءِ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ون محمد فيضان چيمه جي صدارت هيٺ اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنھن ۾ چئن تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرز، روينيو کاتي جي ملازمن، تعليم کاتي جي آفيسرن، صحت، پوليس ۽ صوبائي توڙي وفاقي عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس دوران جشن آزادي جي حوالي سان نجي اسڪولن ۾ مختلف تقريبن، پروگرامز ۽ سرگرمين جي انتظامن بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون شڪارپور نجي اسڪولن جي انتظاميه کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي پنهنجي اسڪولن ۾ جشن آزادي جي مناسبت سان خصوصي پروگرام منعقد ڪن ۽ شاگردن کي به مختلف سرگرمين لاءِ تيار ڪن، جيئن قومي ڏهاڙو وڏي جوش، جذبي سان ملهايو وڃي. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ اسڪولن جي نمائندن ۽ انتظاميه پاران ضلعي انتظاميا سان مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائيندي جشن آزادي جون تقريبون ڀرپور انداز ۾ منعقد ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو.










