گرين سنڌ فائونڊيشن پاران جشن آزادي جي موقعي تي ”سرسبز پاڪستان هفتو“ وڻڪاري مهم جي سلسلي ۾ آگاهي تقريب منعقد

لاڙڪاڻو- 10 آگسٽ (اي پي پي)  گرين سنڌ فائونڊيشن پاران جشن آزادي جي موقعي تي ”سرسبز پاڪستان هفتو“ وڻڪاري مهم جي سلسلي ۾ سر شاهنواز ڀٽو لائبريري لاڙڪاڻي ۾ وڻڪاري بابت آگاهي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ شاگردن، اسٽاف ۽ لائبريري انتظاميا پاران لان ۾ مختلف قسمن جا ٻوٽا پوکي وڻڪاري جي اهميت ۽ فائدن بابت آگاهي ڏني وئي. ان موقعي تي موسمياتي تبديلي، ماحولياتي آلودگي ۽ وڌندڙ گرمي …

لاڙڪاڻو- 10 آگسٽ (اي پي پي)  گرين سنڌ فائونڊيشن پاران جشن آزادي جي موقعي تي ”سرسبز پاڪستان هفتو“ وڻڪاري مهم جي سلسلي ۾ سر شاهنواز ڀٽو لائبريري لاڙڪاڻي ۾ وڻڪاري بابت آگاهي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ شاگردن، اسٽاف ۽ لائبريري انتظاميا پاران لان ۾ مختلف قسمن جا ٻوٽا پوکي وڻڪاري جي اهميت ۽ فائدن بابت آگاهي ڏني وئي. ان موقعي تي موسمياتي تبديلي، ماحولياتي آلودگي ۽ وڌندڙ گرمي پد کي گهٽائڻ سان گڏ گرين ڪور وڌائڻ لاءِ وڏي پيماني تي وڻڪاري ڪرڻ تي زور ڏنو ويو. تقريب دوران گرِين سنڌ فائونڊيشن جي فائونڊر ذوالفقار مگسي پاران لائبريري کي سرسبز ۽ وڻڪاري سان مالا مال بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ تي سر شاهنواز ڀٽو لائبريري جي ڊائريڪٽر شمس الدين ڪلهوڙو کي ”گرين هيرو“ ايوارڊ پڻ ڏنو ويو، جڏهن ته تقريب ۾ ايڊمن آفيسر سيد منظور علي شاهه ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

مزید خبریں