ڪراچي - 10 آگسٽ (اي پي پي) ڪراچي ۾ فيروز آباد پوليس ۽ حساس ادارن گڏيل ڪارروائي ڪندي پي اي سي ايڇ ايس بلاڪ 2 ۾ شهري نسيم عباس جي قتل ۾ ملوث 3 مبينه جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. سومر ڏينهن ايس ايس پي اوڀر زبير نذير شيخ موجب گرفتار جوابدارن ۾ حارث، وصال ۽ رميز شامل آهن. گرفتار جوابدارن 20 جولاءِ تي نسيم عباس کي فائرنگ ڪري …
ڪراچي پوليس جي ڪارروائي، قتل ڪيس ۾ ملوث 3 جوابدار گرفتار

مزید خبریں
ڪراچي – 10 آگسٽ (اي پي پي) ڪراچي ۾ فيروز آباد پوليس ۽ حساس ادارن گڏيل ڪارروائي ڪندي پي اي سي ايڇ ايس بلاڪ 2 ۾ شهري نسيم عباس جي قتل ۾ ملوث 3 مبينه جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. سومر ڏينهن ايس ايس پي اوڀر زبير نذير شيخ موجب گرفتار جوابدارن ۾ حارث، وصال ۽ رميز شامل آهن. گرفتار جوابدارن 20 جولاءِ تي نسيم عباس کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو هو. گرفتار جوابدار وصال قتل کي ڦر ۾ مزاحمت جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. پوليس سي سي ٽي وي فوٽيج جي مدد سان جوابدارن جو پتو لڳائي گرفتار ڪيو آهي. گرفتار جوابدارن جي قبضي مان 3 پستول، موبائيل فونز ۽ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي. پوليس جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڏني آهي.










