اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير سان سوئيس ڪمپني جي وفد جي ملاقات، توانائي ۽ پيٽروليم جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ

اسلام آباد - 10 آگسٽ (اي پي پي) اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد چيما سان ملاقات ۾ سوئيٽزرلينڊ ۾ قائم عالمي توانائي، واپاري ڪمپني گن وور گروپ جي اعليٰ عملدارن تي ٻڌل وفد ملاقات ڪئي، وفد ۾ حڪومت طرفان تيل جي قيمتن کي ڊي ريگيوليٽ ڪرڻ جي تجويز ڪيل پاليسي جي آجيان ڪندي چيو ته انهن قدمن سان پيٽروليم مارڪيٽ ۾ صحتمند چٽاڀيٽي، ڪارڪردگي ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ملندي، …

اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد چيما سان ملاقات ۾ سوئيٽزرلينڊ ۾ قائم عالمي توانائي، واپاري ڪمپني گن وور گروپ جي اعليٰ عملدارن تي ٻڌل وفد ملاقات ڪئي، وفد ۾ حڪومت طرفان تيل جي قيمتن کي ڊي ريگيوليٽ ڪرڻ جي تجويز ڪيل پاليسي جي آجيان ڪندي چيو ته انهن قدمن سان پيٽروليم مارڪيٽ ۾ صحتمند چٽاڀيٽي، ڪارڪردگي ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ملندي، جڏهن ته وفد پاڪستان جي آئل ريفائنرين جي اپگريڊيشن ۾ تعاون ۽ ملڪ ۾ پنهنجي ڪاروباري نيٽ ورڪ کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير احد چيمه سان سومر ڏينهن سوئيٽزرلينڊ ۾ قائم عالمي توانائي، واپاري ڪمپني گن وور گروپ جي وفد ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان جي توانائي ۽ پيٽروليم شعبن ۾ تعاون جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. گن وور گروپ جي وفد ۾ گلوبل هيڊ آف پورٽ فوليو شاهب ريچيل، ڪارپوريٽ افيرئز ڊائريڪٽر سيٺ ٿامس پيٽراس ۽ هيڊ آف ڪارپوريٽ افيئرز ڪاشف ميو شامل هئا. ملاقات دوران وفاقي وزير ملڪ جي آئل ريفائنرين کي اپ گريڊ ۽ جديد رخن تي آڻڻ لاءِ پاڪستان حڪومت جي ڪوششن کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته حڪومت پيٽروليم جي شعبي کي مضبوط بڻائڻ ۽ ان جي ڪارڪردگي ۽ چٽاڀيٽي واري صلاحيت کي بهتر بڻائڻ لاءِ موثر قدم کڻي رهي آهي. گن وور گروپ جي وفد ريفائنرين جي اپ گريڊيشن جي عمل ۾ حڪومت جي معاونت ۽ ان سلسلي ۾ وڌيڪ تعاون جي امڪانن ڳولڻ تي آمادگي ظاهر ڪئي. وفاقي وزير حڪومت پاران تيل جي اگهن ۾ ڊي ريگيوليٽ ڪرڻ جي تجويز ڪيل پاليسي تي به ڳالهه بولهه ڪئي ۽ ان کي پيٽروليم مارڪيٽ ۾ سڌارن طرف اهم قدم قرار ڏنو. هن چيو ته ڪابينه جلد تجويز ڪيل ڊي ريگيوليشن پاليسي جي منظوري ڏئي سگهي ٿي جنهن سان وڌيڪ چٽاڀيٽي ۽ موثر پيٽروليم جي راهه هموار ٿيندي. ڪمپني جي عملدارن تجويز ڪيل ڊي ريگيوليشن قدمن جي آجيان ڪندي چيو ته ان سان آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين وچ ۾ صحتمند چٽاڀيٽي کي هٿي ملندي ۽ شعبي جي ڪارڪردگي ۾ بهتري ايندي. احد چيمه وفد کي پاڪستان اسٽيٽ آئل ۾ جاري سڌاراجاتي عمل کان به آگاهه ڪيو ۽ چيو ته ملڪ جي سڀ کان وڏي سرڪاري آئل مارڪيٽنگ ڪمپني کي اداره جاتي ۽ انتظامي سڌارن ذريعي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ضروري آهي. ڪمپني جي عملدارن هاڻوڪي نار بحران دوران ملڪ ۾ ٻارڻ جي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ پاڪستان حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ هن چيو ته مشڪل عالمي صورتحال باوجود ملڪ ۾ ٻارڻ جي وافر مقدار برقرار رهيو جيڪو حڪومت طرفان سپلاءِ چين جي موثر انتظام جي عڪاسي ڪري ٿو. وفاقي وزير چيو ته بحران دوران ٻارڻ جي مسلسل فراهمي ۽ قيمتن کي مستحڪم رکڻ هڪ مشڪل چئلينج هو جڏهن ته حڪومت آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن سان گڏجي وقت سر قدم کنيا. جن جي نتيجي ۾ ٻارڻ جي فراهمي جو تسلسل برقرار رکيو ويو ۽ صارفين کي به ڪنهن امڪاني رڪاوٽ کان محفوظ رکيو ويو. ڪمپني جي عملدارن وفاقي وزير کي آگاهه ڪيو ته پارڪو گن وور لميٽيڊ پاڪستان ۾ پنهنجي ڪاروبار ۽ نيٽ ورڪ کي هٿي ڏئي رهي آهي. احد چيمه توسيعي منصوبن جي آجيان ڪندي يقين ڏياريو ته حڪومت جائز ڪاروباري ۽ سيڙپڪاري سرگرمين کي سهولت فراهم ڪرڻ ۽ سيڙپڪارن ۽ عالمي ڪمپنين لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.

مزید خبریں