پاڪستان قازقستان سان مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قازقستان جي سفير سان ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد - 10 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قازقستان سان گهڻ رخي حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان قازقستان سان علائقائي رابطن کي فروغ ڏيڻ، واپاري رابطا وڌائڻ ۽ توانائي، تعليم ۽ عوامي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان قازقستان جي پاڪستان ۾ سفير يرزان ڪستافين …

اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قازقستان سان گهڻ رخي حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان قازقستان سان علائقائي رابطن کي فروغ ڏيڻ، واپاري رابطا وڌائڻ ۽ توانائي، تعليم ۽ عوامي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان قازقستان جي پاڪستان ۾ سفير يرزان ڪستافين پنهنجي سفارتي ذميواريون مڪمل ٿيڻ تي سومر ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ الوداعي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ خاص معاون طارق فاطمي پڻ موجود هئا. وزيراعظم قازق سفير جي سندس سفارتي دور جي دوران پاڪستان ۽ قازقستان جي وچ ۾ تاريخي دوستاڻي لاڳاپن ۽ گڏيل تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ اهم خدمتن کي ساراهيو. وزيراعطم خاص طور تي فيبروري 2026ع ۾ قازقستان جي صدر قاسم جومارت توقايف جي پاڪستان جي دوري کي ڪامياب بڻائڻ ۾ سفير جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي ملڪن جا گڏيل لاڳاپا اسٽريٽجڪ حصيداري جي سطح تي پهتا. وزيراعظم صدر توقايف جي لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو ۽ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان قازقستان سان گهڻ رخي حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پُرعزم آهي. هن چيو ته ان مقصد جي لاءِ علائقائي رابطن کي فروغ ڏيڻ، واپاري رابطا وڌائڻ ۽ توانائي ۽ عوامي سطح تي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏني ويندي. قازقستان جي سفير يرزان ڪستافين پنهنجي سفارتي دور جي دوران تعاون ۽ مدد تي وزيراعظم جا ٿورا ادا ڪيا. هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته اسٽريٽجڪ حصيداري تحت پاڪستان ۽ قازقستان جي لاڳاپن ۾ وڌيڪ اڳڀرائي جاري رهندي. وزيراعظم قازق سفير جي لاءِ سندس ايندڙ ذميوارين ۾ ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں