اسلام آباد - 10 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، ٻنهي پرڏيهي وزيرن علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن ۾ خطي جي بدلجندڙ صورتحال ۽ امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ جاري ڪوششن تي خاص ڌيان ڏنو ويو. سومر ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه

مزید خبریں
اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، ٻنهي پرڏيهي وزيرن علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن ۾ خطي جي بدلجندڙ صورتحال ۽ امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ جاري ڪوششن تي خاص ڌيان ڏنو ويو. سومر ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي وچ ۾ تازو ئي طئي ٿيندڙ مڪه مڪرمه گڏيل دفاعي معاهدي جي مقصدن کان پڻ ايراني پرڏيهي وزير کي آگاهه ڪيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته معاهدي جو مقصد اسٽريٽجڪ تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۽ علائقائي امن ۽ سلامتي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ آهي. پرڏيهي وزير عباس عراقچي معاهدي جي اهم نقطن کان آگاهه ڪرڻ تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جا ٿورا ادا ڪيا. ٻنهي پرڏيهي وزيرن گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ويجهو رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.









