اسلام آباد- 09 مئي (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان ڪارپوريٽ ڊيري فارمز ايسوسيئيشن جي وفد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ڊيري ۽ لائيو اسٽاڪ شعبي ۾ سيڙپڪاري ۽ ترقي بابت بريفنگ ڏني. واپار واري وزارت موجب ڪارپوريٽ ڊيري فارمز ۾ جديد ٽيڪنالاجي ۽ سائنسي طريقن جي استعمال سان پيداوار ۾ اضافو ٿيو آهي. وفد ٻڌايو ته پاڪستان ۾ عالمي معيار موجب کير ۽ ويليو ايڊڊ …
واپار واري وفاقي وزير سان ڪارپوريٽ ڊيري فارمرز ايسوسيئيشن جي وفد جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد- 09 مئي (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان ڪارپوريٽ ڊيري فارمز ايسوسيئيشن جي وفد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ڊيري ۽ لائيو اسٽاڪ شعبي ۾ سيڙپڪاري ۽ ترقي بابت بريفنگ ڏني. واپار واري وزارت موجب ڪارپوريٽ ڊيري فارمز ۾ جديد ٽيڪنالاجي ۽ سائنسي طريقن جي استعمال سان پيداوار ۾ اضافو ٿيو آهي. وفد ٻڌايو ته پاڪستان ۾ عالمي معيار موجب کير ۽ ويليو ايڊڊ ڊيري مصنوعات تيار ڪئي پئي وڃي، ڊيري شعبو آمدني واپار جي متبادل، روزگار ۽ فني مهارت کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. بريفنگ ۾ چيو ويو آهي ته آسٽريليا، آمريڪا، ڪينيڊا ۽ يورپ جي جديد مهارت سان ڊيري سيڪٽر کي فائدو پهتو آهي. ملاقات دوران ڳالهائيندي وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو ته پاڪستان جي ڊيري ۽ لائيو اسٽاڪ شعبي ۾ بي پناهه ترقي جي صلاحيت موجود آهي. ڊيري شعبي جي ترقي لاءِ آسان فنانسنگ ۽ سرمائي تائين پهچ ضروري آهي. هن چيو ته بهتر مالي مدد سان ڊيري مصنوعات جي پيداوار ۽ روانگي واپار ۾ اضافو ممڪن آهي. ڄام ڪمال خان چيو ته اصل مسئلو پاليسي ناهي پر ان تي اثرائتو عملدار آهي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت ڪاروباري سهولت ۽ بهتري عملدارآمد لاءِ قدم کڻي رهي آهي، حڪومت ۽ نجي شعبي جو تعاون روانگي واپار ۽ فوڊ سيڪيورٽي لاءِ اهم آهي. هن ايسوسيئيشن کان ٽيڪس، فنانسنگ، ويڪسين ۽ روانگي واپار بابت تجويزون طلب ڪندي چيو ته حڪومت ڊيري ۽ لائيو اسٽاڪ شعبي جي ترقي ۽ روانگي واپار کي هٿي وٺائڻ لاءِ پرعزم آهي.










