اسلام آباد-13 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق نوشهره ۾ ايڪسائيز کاتي جي موبائيل اسڪواڊ تي فائرنگ واري واقعي جي شديد مذمت ڪئي آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ طرفان جاري بيان ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر حملي جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪارن جي قيمتي جانين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي ڏکويل ڪٽنبن سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي، هن چيو ته …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران نوشهره ۾ ايڪسائيز کاتي جي موبائيل اسڪواڊ تي فائرنگ جي واقعي جي مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد-13 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق
نوشهره ۾ ايڪسائيز کاتي جي موبائيل اسڪواڊ تي فائرنگ واري واقعي جي
شديد مذمت ڪئي آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ طرفان جاري بيان ۾ قومي
اسيمبلي جي اسپيڪر حملي جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪارن جي قيمتي جانين جي
نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي ڏکويل ڪٽنبن سان تعزيت جو
اظهار ڪيو آهي، هن چيو ته مان متاثر ٿيلن جي ڪٽنبن جي ڏک ۾ شريڪ آهيان
جن هن ڏکوئيندڙ واقعي ۾ پنهنجي پيارن کي وڃايو. هن مشڪل گهڙي ۾ شهيد
اهلڪارن جي درجن جي بلندي ۽ ڪٽنبن لاءِ صبر جي دعا ڪئي











