ايمرجنسي رسپانس ڪميٽي جو ڏهون اجلاس، ايندڙ ڏينهن ۾ ڏکڻ اوڀر سنڌ ۽ اتر ۽ وچ وارن علائقن ۾ وڌيڪ برسات جو امڪان ظاهر، سڀني ادارن کي ڪم ۾ تيزي آڻڻ جي هدايت

اسلام آباد- 02 آگسٽ (اي پي پي) ايمرجنسي رسپانس ڪميٽي جو ڏهون اجلاس اين ڊي ايم اي هيڊ ڪوارٽر جي نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر (اين اي او سي) ۾ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ ايندڙ ڏينهن ۾ ڏکڻ اوڀر سنڌ ۽ اتر ۽ وچ وارن علائقن ۾ وڌيڪ برسات جو امڪان ظاهر ڪندي سڀني ادارن کي ڪم ۾ تيزي آڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. وزيراعظم جي هدايت تي اهو اجلاس …

اسلام آباد- 02 آگسٽ (اي پي پي) ايمرجنسي رسپانس ڪميٽي جو ڏهون اجلاس اين ڊي ايم اي هيڊ ڪوارٽر جي نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر (اين اي او سي) ۾ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ ايندڙ ڏينهن ۾ ڏکڻ اوڀر سنڌ ۽ اتر ۽ وچ وارن علائقن ۾ وڌيڪ برسات جو امڪان ظاهر ڪندي سڀني ادارن کي ڪم ۾ تيزي آڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. وزيراعظم جي هدايت تي اهو اجلاس روزانو جي بنياد تي ٿي رهيو آهي. منصوبابندي واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس جي صدارت ڪئي، جڏهن ته وفاقي ۽ صوبائي عملدارن ۽ لاڳاپيل ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي. اين ڊي ايم اي جي ميڊيا ونگ موجب، چيئرمين اين ڊي ايم اي ۽ اين اي او سي جي ٽيم سڄي ملڪ ۾ سانوڻي جي صورتحال، جاني ۽ مالي نقصان، امداد ۽ بحالي وارين سرگرمين بابت ڪميٽي کي تفصيلي بريفنگ ڏني. اين ڊي ايم اي چيئرمين ڪميٽي کي وڌيڪ ٻڌايو ته امڪاني برساتن سبب سڀني امڪاني متاثر علائقن ۾ ڊپٽي ڪمشنرن کي صورتحال بابت بروقت آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. ڪميٽي کي تازين برساتن کانپوءِ پيدا ٿيندڙ ٻوڏ جي صورتحال ۽ لاڳاپيل وفاقي، صوبائي ۽ ضلعي ادارن جي بروقت امدادي قدمن کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اين اي او سي ٻڌايو ته ايندڙ ڏينهن ۾ اتر ۽ وچ وارن علائقن ۽ ڏکڻ اوڀر سنڌ ۾ ڪجهه هنڌن تي پُڻ برسات جو امڪان آهي. اين ڊي ايم اي متاثر علائقن ۾ قومي ۽ عالمي فلاحي ادارن جي تعاون سان جاري امدادي سرگرمين بابت پڻ بريفنگ ڏني. اين ڊي ايم اي ٽيم ڪميٽي کي ٻڌايو ته سانوڻي جي تازين برساتن دوران گهڻيون فوتگيُون مٽيءَ جي گهرن جي ڪرڻ ۽ اڏاوتن کي نقصان پهچڻ سبب ٿيون آهن. اجلاس ۾ وفاقي وزارتن، صوبائي حڪومتن ۽ ضلعي انتظاميا جي امداد، ريسڪيو ۽ بحالي جي ڪوششن کي ساراهيو ويو. ايمرجنسي رسپانس ڪميٽي سڀني لاڳاپيل ادارن کي گڏيل رابطي، اڳواٽ تياري، امدادي ڪارروائين ۽ بحالي جي عمل ۾ وڌيڪ تيزي آڻڻ جي هدايت ڪئي.