اسلام آباد- 02 آگسٽ (اي پي پي) خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) جي معاونت سان اعليٰ سطحي آمريڪي ڪاروباري وفد ڪراچي جو ٻن ڏينهن جو دورو ڪيو. دوري جي ٻئي ڏينهن وفد صوبائي وزيرن سان ملاقات ڪئي ۽ اهم سيڙپڪاري موقعن جو جائزو ورتو. ملاقات ۾ بن قاسم انڊسٽريل پارڪ، ڪراچي انڊسٽريل پارڪ ۽ ٻين رٿائن ۾ سيڙپڪاري تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. آمريڪي وفد کي سنڌ …
پاڪ آمريڪا اقتصادي سهڪار ۾ نئين اڳڀرا، آمريڪي وفد جو ڪراچي ۾ سيڙپڪاري موقعن جو جائزو

مزید خبریں
اسلام آباد- 02 آگسٽ (اي پي پي) خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) جي معاونت سان اعليٰ سطحي آمريڪي ڪاروباري وفد ڪراچي جو ٻن ڏينهن جو دورو ڪيو. دوري جي ٻئي ڏينهن وفد صوبائي وزيرن سان ملاقات ڪئي ۽ اهم سيڙپڪاري موقعن جو جائزو ورتو. ملاقات ۾ بن قاسم انڊسٽريل پارڪ، ڪراچي انڊسٽريل پارڪ ۽ ٻين رٿائن ۾ سيڙپڪاري تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. آمريڪي وفد کي سنڌ بزنيس ون اسٽاپ شاپ، ڪيٽي بندر پورٽ، اين اي ڊي ٽيڪ پارڪ ۽ تجويز ڪيل سنڌ انٽرنيشنل فنانشل سينٽر متعلق پڻ بريفنگ ڏني وئي. پاڪستان بزنيس ڪائونسل سان ملاقات ۾ ڪيپيٽل مارڪيٽس، زراعت، ٽيڪسٽائل، توانائي، معدنيات، صحت ۽ ٻين شعبن ۾ سڙپڪاري جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آمريڪي وفد پاڪستان جي بهتر سيڙپڪاري ماحول ۽ مختلف شعبن ۾ ڪاروباري موقعن ۾ دلچسپي ڏيکاري. ڪاروباري اڳواڻن سيڙپڪارن جي اعتماد، پاليسي تسلسل ۽ ڪاروبار کي آسان بنائڻ لاءِ ايس آءِ ايف سي جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته ايس آءِ ايف سي جي سهولتڪاري سان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا موقعا، ڪاروباري اعتماد ۽ پاڪ آمريڪا معاشي تعاون وڌيڪ سگهارو ٿي رهيو آهي.










