ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري

اسلام آباد- 02 آگسٽ (اي پي پي) واپڊا ملڪ جي مختلف درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. آچر ڏينھن جاري تفصيلن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 2 لک 19 ھزار 700 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ هڪ لک 62 ھزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ 45 هزار 200 ڪيوسڪ آھي. خيرآباد پل …

اسلام آباد- 02 آگسٽ (اي پي پي) واپڊا ملڪ جي مختلف درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. آچر ڏينھن جاري تفصيلن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 2 لک 19 ھزار 700 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ هڪ لک 62 ھزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ 45 هزار 200 ڪيوسڪ آھي. خيرآباد پل تي پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ 2 لک 4 هزار 400 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 46 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 7 هزار ڪيوسڪ آھي. جڏھن ته چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جي آمد 90  هزار 500 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 74 هزار 800 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. بئراجن جي انگن اکرن مطابق گڊو بئراج ۾ پاڻي جي آمد 2 لک 70 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 2 لک 37 هزار 100 ڪيوسڪ، سکر بئراج ۾ پاڻي جي آمد 3 لک 53 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 2 لک 99 هزار 200 ڪيوسڪ، ڪوٽڙي بئراج ۾ پاڻي جي آمد 3 لک 53 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 75 هزار 500 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن جي انگن اکرن مطابق ڊيمن ۾ تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1541 فٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1550 فٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 5.063 ملين ايڪڙ فٽ، منگلا ۾ گھٽ ۾ گھٽ آپريٽنگ ليول 1050 فٽ، پاڻي جي موجوده سطح 1198.10 فٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1242 فٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 4.118 ملين ايڪڙ فٽ جڏھن ته چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فٽ، پاڻي جي موجوده سطح 648.50 فٽ، پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 649 فٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.285 ملين ايڪڙ فٽ رڪارڊ ڪيو ويو.