ڪوئيٽا- 02 آگسٽ (اي پي پي) سينٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ناصر مستونگ ۾ شهيد ٿيل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عبدالحڪيم ڪاڪڙ جي گهر وڃي سندس پٽ ۽ ٻين ڪٽنب ڀاتين سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. هن شهيد عبدالحڪيم ڪاڪڙ کي سندس عدالتي خدمتن تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته اسان شهيد جي خاندان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون ۽ ڏک جي ان گهڙي …
سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين شهيد سيشن جج عبدالحڪيم ڪاڪڙ جي گهر وڃي فاتحه خواني ۽ تعزيت ڪئي

مزید خبریں
ڪوئيٽا- 02 آگسٽ (اي پي پي) سينٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ناصر مستونگ ۾ شهيد ٿيل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عبدالحڪيم ڪاڪڙ جي گهر وڃي سندس پٽ ۽ ٻين ڪٽنب ڀاتين سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. هن شهيد عبدالحڪيم ڪاڪڙ کي سندس عدالتي خدمتن تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته اسان شهيد جي خاندان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون ۽ ڏک جي ان گهڙي ۾ متاثر خاندان کي اڪيلو نه ڇڏينداسين. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ناصر ڪجهه وقت شهيد جي ڪٽنب ڀاتين سان گذاريو. ڊپٽي چيئرمين سينيٽ سيدال خن ناصر فائرنگ سبب فوت ٿيل مقامي هوٽل جي مالڪ هاشم نورزئي جي گهر وڃي سندس پٽن ۽ ٻين ڪٽنب ڀاتين سان تعزيت ۽ فاتحه خواني ڪئي. هن مرحومن جي مغفرت ۽ وارثن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.










