مظفرآباد- 02 آگسٽ (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي جي تڪ ايل اي-27 مظفرآباد ون ڪوٽله ۾ پولنگ ملتوي ڪري ڇڏي. اليڪشن ڪميشن پاران جاري بيان مطابق برساتن ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب ايل اي-27 ۾ پولنگ نه ٿي سگهي، مختلف روڊ رستا بند هجڻ سبب پولنگ عملو ۽ چونڊ سامان وقت تي نه پهچي سگهيو. تڪ ۾ پولنگ جي نئين تاريخ جو اعلان بعد ۾ ڪيو …
برساتن ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي جي تڪ ايل اي-27 مظفرآباد ون ڪوٽله ۾ پولنگ ملتوي

مزید خبریں
مظفرآباد- 02 آگسٽ (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي جي تڪ ايل اي-27 مظفرآباد ون ڪوٽله ۾ پولنگ ملتوي ڪري ڇڏي. اليڪشن ڪميشن پاران جاري بيان مطابق برساتن ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب ايل اي-27 ۾ پولنگ نه ٿي سگهي، مختلف روڊ رستا بند هجڻ سبب پولنگ عملو ۽ چونڊ سامان وقت تي نه پهچي سگهيو. تڪ ۾ پولنگ جي نئين تاريخ جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو. ضلعي انتظاميا جي ڪوششن باوجود روڊ رستا مڪمل بحال نه ٿي سگهيا. اليڪشن ڪميشن ووٽرز کي سهڪار جي اپيل ڪندي زحمت تي معذرت جو اظهار ڪيو، ٻين سمورن تڪن ۾ پولنگ شيڊول مطابق جاري رهيو.










