اسلام آباد - 17 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت ٻارڻ جي بچت ۽ اضافي ڪفايت شعاري تحت سرڪاري گاڏين جي فيول ڪوٽا ۾ فوري طور تي 50 سيڪڙو ڪٽوتي، نئين گاڏين جي خريداري تي مڪمل پابندي ۽ وزيرن ۽ سرڪاري آفيسرن جي غيرملڪي دورن تي 3 مهينن جي مڪمل پابندي سميت ڪيترائي اهم فيصلا لاڳو ڪري ڇڏيا آهن. ان ڏس ۾ خميس ڏينهن ڪابينا ڊويزن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن …
حڪومت پاران سرڪاري گاڏين جي فيول ۾ 50 سيڪڙو ڪٽوتي، نئين گاڏين جي خريداري ۽ غيرملڪي دورن تي 3 مهينن لاءِ پابندي جو فيصلو
اسلام آباد – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت ٻارڻ جي بچت ۽ اضافي ڪفايت شعاري تحت سرڪاري گاڏين جي فيول ڪوٽا ۾ فوري طور تي 50 سيڪڙو ڪٽوتي، نئين گاڏين جي خريداري تي مڪمل پابندي ۽ وزيرن ۽ سرڪاري آفيسرن جي غيرملڪي دورن تي 3 مهينن جي مڪمل پابندي سميت ڪيترائي اهم فيصلا لاڳو ڪري ڇڏيا آهن. ان ڏس ۾ خميس ڏينهن ڪابينا ڊويزن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب وفاقي حڪومت ٻارڻ جي بچت ۽ اضافي ڪفايت شعاري قدمن جي نگراني ۽ لاڳو جي لاءِ قائم ڪميٽي جي سفارشن تحت ڪيترن ئي ڪفايت شعاري ۽ ٻارڻ جي بچت جي قدمن جي لاڳو جي هدايت ڪئي آهي. نوٽيفڪيشن موجب سرڪاري گاڏين جي لاءِ ٻارڻ جي فراهمي ۾ 50 سيڪڙو ڪٽوتي جو لاڳو فوري طور تي ايندڙ ٽن مهينن جي لاءِ هوندو جڏهن ته هٿياربند فوج، سول آرمڊ فورسز، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، ڪسٽم ۽ ايف بي آر ۽ ضروري خدمتن جي آپريشنل گاڏين کي ان ڪٽوتي کان ڇوٽ ڏني وئي آهي، جڏهن ته انهن ادارن جي انتظامي ۽ نان آپريشنل گاڏين تي اها پابندي لاڳو هوندي. هلندڙ مالي سال دوران نان اي آر اي بجيٽ ۾ پڻ 5 سيڪڙو ماهوار ڪٽوتي ڪئي ويندي جڏهن ته لازمي سرڪاري دورن تي سمورن اعلى عملدارن کي رڳو اڪانومي ڪلاس ۾ سفر ڪرڻ جو پابند بڻايو ويو آهي. ان سان گڏ ئي مالي سال 27 – 2026ع دوران نان اي آر اي بجيٽ ۾ 5 سيڪڙو ماهوار ڪٽوتي جو لاڳو ٻاهرئين ملڪ مقرر پاڪستاني مشنز ۽ انهن جي آفيسرن تي پڻ هوندو. حڪومتي فيصلن تحت سمورن قسمن جي نئين سرڪاري گاڏين کانسواءِ هر قسم جي پائيدار شين (سواءِ آءِ ٽي سامان جي) خريد ڪرڻ تي مڪمل پابندي لاڳو رهندي. اسڪالرشپس ۽ ٻاهرئين معاهدن تحت ٿيندڙ ضروري ٽريننگز کانسواءِ سموري قسم جي ٻاهرئين دورن تي ٽن مهينن جي مڪمل پابندي هوندي جڏهن ته ڪنهن انتهائي لازمي صورت ۾ وفاقي وزيرن، صلاحڪارن، خاص معاونين ۽ سرڪاري آفيسرن کي رڳو اڪانومي ڪلاس ۾ فضائي سفر ڪرڻ جي اجازت هوندي. نوٽفڪيشن ۾ وڌيڪ واضح ڪيو ويو آهي ته سرڪاري اجلاسن جي لاءِ ترجيحي طور تي ٽيلي ڪانفرنسنگ جو طريقيڪار اختيار ڪيو ويندو ۽ غيرملڪي وفدن جي اعزاز کانسواءِ ڪنهن به قسم جي سرڪاري آجياڻن جي اهتمام تي مڪمل پابندي هوندي. حڪومت جي فنڊز سان سيمينارز، ٽريننگز ۽ ڪانفرنسز تي پابندي هوندي. لازمي گهرجن جي صورت ۾ اهڙن ايونٽس جي لاءِ آڊيٽوريم، ڪميٽي رومز ۽ ٻيون سرڪاري سهولتون استعمال ڪيون وينديون. شادي جي سمورين تقريبن ۾ ون ڊش جي پابندي لازمي قرار ڏني وئي آهي. وڌيڪ اهو ته سڄي ملڪ ۾ واپاري مرڪزن جا وقت پڻ مقرر ڪيا ويا آهن جنهن موجب دڪانون، مارڪيٽون، شاپنگ مالز ۽ بازار، ڊپارٽمينٽل، جنرل ۽ ڪريانه اسٽورز رات 9 وڳي تائين، شادي هالز، مارڪيز ۽ ٻيون سمريون واپاري جايون جتي تقريبون منعقد ٿين ٿيون، رات 10 وڳي تائين، ريسٽورانٽس، ڪيفي ۽ فوڊ آئوٽ ليٽس، ميون ۽ ڀاڄين جون دڪانون رات 11 وڳي تائين کليل رهنديون جڏهن ته ٽيڪ اوي ۽ هوم ڊيليوري تي ان پابندي کان ڇوٽ هوندي. ٻئي طرف فارميسيز، طبي مرڪزن ۽ طبي سامان جي دڪانون، ميڊيڪل ليبارٽريز، ڪلينڪس ۽ اسپتالن، بيڪرين، تندور ۽ کير ۽ ڊيري شاپس، پيٽرول/ سي اين جي پمپس ۽ اليڪٽرڪ گاڏين جي چارجنگ اسٽيشنز، جمز، راندين جي سهولتن ۽ اسپورٽس / پيڊل ڪورٽس، آءِ ٽي ڪمپنين ۽ ڪال سينٽرز کي وقت جي پابندي کان ڇوٽ ڏني وئي آهي. وفاقي حڪومت صوبائي ۽ علائقائي حڪومتن کي پڻ اهڙي طرز جا ڪفايت شعاري قدم اختيار ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي.









