سمورن ڊسڪوز کي ڪنزيومر پرسيپشن سروي جي طريقيڪار، معيار ۽ شيڊول کي حتمي شڪل ڏئي سروي فوري طور شروع ڪرڻ جا حڪم جاري

اسلام آباد-17 سيپٽمبر (اي پي پي)توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري سمورن ڊسڪوز کي ڪنزيومر پرسيپشن سروس جي طريقيڪار، معيارن ۽ شيڊول کي حتمي شڪل ڏئي سروي فوري طور شروع ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. پاور ڊويزن جي ترجمان موجب وفاقي وزير جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ هن هدايت ڪئي ته سروي جا معيار نيپرا جي مقرر ڪيل پيرا ميٽرز موجب هجڻ گهرجن ته جيئن …

اسلام آباد-17 سيپٽمبر (اي پي پي)توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري سمورن ڊسڪوز کي ڪنزيومر پرسيپشن سروس جي طريقيڪار، معيارن ۽ شيڊول کي حتمي شڪل ڏئي سروي فوري طور شروع ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. پاور ڊويزن جي ترجمان موجب وفاقي وزير جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ هن هدايت ڪئي ته سروي جا معيار نيپرا جي مقرر ڪيل پيرا ميٽرز موجب هجڻ گهرجن ته جيئن صارفين جي راءِ کي حقيقي معنائن ۾ اهميت ڏئي سگهجي. ان سان ڊسڪوز جي ڪارڪردگي ۽ خدمتن تي صارفين جي اطمينان جو تعين ٿيندو ۽ سروي جا نتيجا مستقبل جي پاليسي سازي ۾ مددگار ثابت ٿيندا. وفاقي وزير حڪم ڏنو ته لاڳاپيل ڌريون سروي جي منظوري جلد کان جلد مڪمل ڪن ته جيئن بنا دير جي شروع ٿئي، سروي هر 6 مهينن کانپوءِ لازمي طور مڪمل ڪيو وڃي جڏهن ته سالياني شيڊول ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ سروي گرمين جي موسم ۾ شامل ٿئي. وفاقي وزير چيو ته هي سروي رڳو انتظامي ڪارروائي ناهي پر صارفين جي ڀلائي ۽ خدمت جي عزم جو عملي ثبوت آهي جنهن جو مقصد عوام کي فراهم ڪيل سهولتن ۾ بهتري آڻڻ آهي، وفاقي وزير صارفين کي اپيل ڪئي ته سروي دوران پنهنجي ديانتداراڻي ۽ بنا جهجڪ جي راءِ ڏين، ڇاڪاڻ ته سندن سچي راءِ ئي اداري جي ڪارڪردگي ۾ بهتري جو بنياد بڻجندي ۽ حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن کي وڌ کان وڌ باخبر، شفاف ۽ دانشمنداڻا فيصلا ڪرڻ جي قابل بڻائيندي جنهن سان بجلي جي شعبي ۾ صارفين جي اعتماد ۽ اطمينان ۾ واڌارو ٿيندو.