واشنگٽن- 02 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران ۽ وچ اوڀر جي ٻين ملڪن اسان کي درخواست ڪئي آهي ته اسان حملو روڪي ڇڏيون، ڇو جو هڪ معاهدي جي نڪتن تي اتفاق ٿي چڪو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي صدر ٽروٿ سوشل تي جاري بيان ۾ چيو آهي ته آمريڪا ايران خلاف اهڙي فوجي ڪارروائي لاءِ مڪمل طور تي تيار هو، جنهن جي شدت، …
وچ اوڀر جر ملڪن جي درخواست تي ايران خلاف حملي جو منصوبو رد ڪري ڇڏيو: آمريڪي صدر

مزید خبریں
واشنگٽن- 02 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران ۽ وچ اوڀر جي ٻين ملڪن اسان کي درخواست ڪئي آهي ته اسان حملو روڪي ڇڏيون، ڇو جو هڪ معاهدي جي نڪتن تي اتفاق ٿي چڪو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي صدر ٽروٿ سوشل تي جاري بيان ۾ چيو آهي ته آمريڪا ايران خلاف اهڙي فوجي ڪارروائي لاءِ مڪمل طور تي تيار هو، جنهن جي شدت، طاقت ۽ عسڪري صلاحيت ٻئين مهاڀاري جنگ کانپوءِ ڪڏهن به ناهي ڏٺي وئي. صدر ڊونلڊ ٽرمپ مطابق ان تجويز ڪيل معاهدي ۾ آبنائي هرمز کي فوري، مڪمل ۽ غير مشروط طور تي کولڻ ۽ ايران جي ايٽمي خطري جو خاتمو شامل آهي. هن وڌيڪ چيو ته ان درخواست جي بنياد تي دنيا جي بهتر مستقبل ۽ هڪ ڪامياب ۽ خوشحال ايران جي بقاکي نظر ۾ رکندي تيزي سان معاهدو طئي ٿيڻ جي شرط تي تجويز ڪيل حملو رد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. آمريڪي صدر اهو به چيو ته ان عزم ۾ اسرائيل به اسان سان گڏ شامل آهي. هاڻي سڀ ڪم تي لڳي وڃن ۽ ان معاهدي کي مڪمل ڪن.










