وزيراعظم محمد شهباز شريف آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي جي چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ مسلم ليگ (ن) جي ڪاميابي تي مبارڪباد

اسلام آباد- 03 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي جي چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ مسلم ليگ (ن) جي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته مسلم ليگ (ن) جي فتح آزاد ڪشمير جي عوام جي مسلم ليگ (ن) جي پاليسين تي اعتماد جو ثبوت آهي. سومر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم آزاد ڪشمير جي چونڊن جي …

اسلام آباد- 03 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي جي چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ مسلم ليگ (ن) جي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته مسلم ليگ (ن) جي فتح آزاد ڪشمير جي عوام جي مسلم ليگ (ن) جي پاليسين تي اعتماد جو ثبوت آهي. سومر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم آزاد ڪشمير جي چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ برتري تي مسلم ليگ (ن) جي قائد محمد نواز شريف ۽ ڪامياب اميدوارن کي مبارڪباد ڏندي چيو ته مسلم ليگ (ن) جي ڪامياب ٿيندڙ سڀني اميدوارن کي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چيو ته ڪاميابي جو اهو تسلسل مسلم ليگ (ن) جي قائد ميان محمد نواز شريف ۽ مسلم ليگ (ن) جي پُوري ٽيم جي محنت جو ثمر آهي. مسلم ليگ (ن) جي قائد جي اڳواڻي ۾، ​​مسلم ليگ (ن) جي ٽيم آزاد ڪشمير ۾ هڪ تمام ڪامياب چونڊ مهم هلائي. هن چيو ته آزاد ڪشمير جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ اتي جي ماڻهن جي ڀلائي مسلم ليگ (ن) جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم چيو ته آزاد ڪشمير ۾ چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ سياسي پارٽين ڀرپُور حصو ورتو، جنهن سان جمهوري عمل وڌيڪ مضبوط ٿيندو.