ڪويت جي پرڏيهي وزير پاران مصر جي هم منصب سان ٽيليفونڪ رابطو، علائقائي صورتحال ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي سفارتي ڪوششن تي ڳالهيون

ڪويت سٽي- 03 آگسٽ (اي پي پي) ڪويت جي پرڏيهي وزير شيخ جراح جابر الاحمد الصباح مصر جي پرڏيهي وزير، پناهگيرن ۽ پرڏيهه ۾ رهندڙ مصر جي شهرين جي معاملن بابت وزير ڊاڪٽر بدر عبدالعاطي سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو، جنهن ۾ خطي جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ٻنهي پرڏيهي وزيرن خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ، علائقائي امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ ۽ …

ڪويت سٽي- 03 آگسٽ (اي پي پي) ڪويت جي پرڏيهي وزير شيخ جراح جابر الاحمد الصباح مصر جي پرڏيهي وزير، پناهگيرن ۽ پرڏيهه ۾ رهندڙ مصر جي شهرين جي معاملن بابت وزير ڊاڪٽر بدر عبدالعاطي سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو، جنهن ۾ خطي جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ٻنهي پرڏيهي وزيرن خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ، علائقائي امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ ۽ سامونڊي جهازن جي سلامتي ۽ آزادي کي يقيني بڻائڻ لاءِ جاري سفارتي ڪوششن جو جائزو ورتو.