اسلام آباد- 03 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۾ 14.7 ملين افرادي سگهه بنا معاوضي ڪم ڪري ٿي، جنهن ۾ 5.9 ملين مرد ۽ 8.8 ملين عورت ڪارڪن شامل آهن. 50 سيڪڙو عورتون ڪارڪن بنا معاوضي جي پنهنجي خاندان جي مدد ڪن ٿيون. پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڊولپمينٽ اڪنامڪس (پائيڊ ) جي ريسرچر نبيله ڪنول پنهنجي هڪ تجزياتي رپورٽ ۾ چيو ته ليبر فورس سروي 2024ع مطابق 5.9 ملين مرد ۽ …
پاڪستان ۾ 14.7 ملين افرادي سگهه بنا معاوضي ڪم ڪري پئي، جنهن ۾ 5.9 ملين مرد ۽ 8.8 ملين عورت ڪارڪن شامل آهن: تجزياتي رپورٽ

مزید خبریں
اسلام آباد- 03 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۾ 14.7 ملين افرادي سگهه بنا معاوضي ڪم ڪري ٿي، جنهن ۾ 5.9 ملين مرد ۽ 8.8 ملين عورت ڪارڪن شامل آهن. 50 سيڪڙو عورتون ڪارڪن بنا معاوضي جي پنهنجي خاندان جي مدد ڪن ٿيون. پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڊولپمينٽ اڪنامڪس (پائيڊ ) جي ريسرچر نبيله ڪنول پنهنجي هڪ تجزياتي رپورٽ ۾ چيو ته ليبر فورس سروي 2024ع مطابق 5.9 ملين مرد ۽ 8.8 ملين عورت ڪارڪن بنا معاوضي ڪم ڪندا آهن جيڪي پاڪستان جي پيداواري معيشت جو باقاعده حصو آهن . پر ان جي خدمت جي عيوض ڪنهن قسم جو معاوضو نٿا وٺن. ٻئي پاسي اجرت کانسواءِ ڪم ڪندڙ ڪارڪنن جو تعلق نان مارڪيٽ سرگرمين سان آهي. اهڙي طرح جي خدمت عام طور تي گهر ۾ ئي انجام ڏنيو وينديون آهن جنهن مان ڪٽنب کي ئي فائدو حاصل ڪندو آهي. رپورٽ مطابق ليبر فورس سروي ۾ 14 قسمن جي مختلف خدمتن کي بنا معاوضي ڪم جي لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي جن ۾ ڪڪنگ ، صفائي سٿرائي، بزرگ ڪٽنب جي سار سنڀال ، پيئڻ جو پاڻي آڻڻ ، جانورن جي سار سنڀال سميت ٻيا گهريلو قسم جا ڪم شامل آهن. نبيله ڪنول پائيڊ جي هڪ ريسرچ جو حوالو ڏيندي چيو ته ڪم ڪرڻ جي عمر جي ٽين چوٿائي جون عورتون روايتي معاشي سرگرمين ۾ حصو نٿيون وٺن هو ڪم ڪنديون آهن پر انهن کي افرادي سگهه ۾ شمار ناهي ڪيو ويندو. نبيله ڪنول وڌيڪ چيو ته ٻهراڙي جي علائقن جي بهتري ۽ ترقي سان نه صرف ٻهراڙي جي معيشت مستحڪم ٿيندي پر قومي معيشت جي ترقي جو گهربل هدف حاصل ڪرڻ ۾ به مدد ملندي.










